عاموس 4
4
1بسن جون ڍڳيون، جي سامريہ جي جبلن ۾ آهن، جي غريبن کي ستائين ٿيون ۽ مسڪينن کي چٿين ٿيون، ۽ پنهنجن مڙسن کي ٿيون چون تہ کڻي اچو تہ پيون، اوهين اهو ڪلام ٻڌو. 2خداوند خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ جو قسم کنيو آهي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اوهان تي ايندا تہ هو اوهان کي ڪُنڍن سان ڦاسائي ويندا، ۽ جيڪي اوهان مان باقي بچنديون، تن کي مڇين مارڻ وارين ڪُنڍين سان پڪڙيندا. 3۽ اوهين ڀت جي ڦاٽن مان ٻاهر نڪري وينديون، هرڪا سنئين پنهنجي اڳيان ويندي، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ، اوهين هارمون ۾ اُڇلايون وينديون.
4بيت ايل ۾ اچو ۽ گناهہ ڪريو، جلجال ۾ اچو ۽ گناهہ وڌايو، هر صبح پنهنجون قربانيون چاڙهيو، ۽ هر ٽئين ڏينهن پنهنجون ڏهاڪيون آڻيندا رهو. 5۽ پنهنجي شڪرگذاريءَ جي قرباني خمير سان ادا ڪريو، ۽ خوشي جون قربانيون پڌريون ڪريو، ۽ انهن جو اشتهار ڪريو، ڇالاءِ جو اي بني اسرائيل، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو اوهان کي پسند آهي. 6پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو. 7۽ جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تڏهن مون اوهان کان مينهن بہ روڪي ڇڏيو: ۽ مون هڪڙي شهر تي مينهن وسايو ۽ ٻئي شهر تي مينهن نہ وسايو: هڪڙي زمين جي ٽڪر تي مينهن پيو، ۽ جنهن ٽڪر تي مينهن نہ پيو سو سڙي سُڪي ويو. 8انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو. 9مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو. 10مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو. 11مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو. 12تنهنڪري اي اسرائيل، آءٌ توسان ائين ڪندس؛ ۽ جڏهن توسان ائين ئي ڪرڻو اٿم، تڏهن اي اسرائيل، تون پنهنجي خدا سان گڏجڻ لاءِ تيار ٿيءُ. 13ڇالاءِ جو ڏس، جيڪو جبل جوڙي ٿو، ۽ واءُ پيدا ڪري ٿو، ۽ ماڻهوءَ کي سندس دل جي ڳالهہ ٻڌائي ٿو، جو صبح کي ڦيرائي اونداهي ڪري ٿو، ۽ زمين جي مٿانهين جاين تي هلي ٿو؛ خداوند، لشڪرن جو خدا انهي جو نالو آهي.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عاموس 4: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.