عاموس 5

5
1اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين هي ڪلام ٻڌو جو آءٌ اوهان جي لاءِ مرثئي طور کڻان ٿو. 2اسرائيل جي ڪنواري ڪِري پيئي آهي؛ اُها وري نہ اُٿندي: اُها پنهنجي ملڪ ۾ اُڇلائي ويئي آهي؛ ڪوبہ هن کي اُٿارڻ وارو ڪونهي. 3ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن شهر مان هڪ هزار نڪرندا هئا، تنهن ۾ باقي هڪ سؤ وڃي بچيا آهن؛ ۽ جنهن مان هڪ سؤ نڪرندا هئا، تنهن مان اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڏهہ وڃي بچيا آهن. 4ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي گهراڻي کي ٿو فرمائي، تہ منهنجا طالب ٿيو تہ جيئرا رهندا: 5پر بيت ايل کي نہ ڳوليو، نڪي جلجال ۾ وڃو، نڪي بيرسبع ڏي لنگهي وڃو؛ ڇالاءِ جو يقين آهي تہ جلجال قيد ٿي ويندو ۽ بيت ايل نابود ٿي ويندو. 6خداوند کي ڳوليو تہ جيئرا رهو؛ متان هو يوسف جي گهراڻي ۾ باهہ وانگي نڪري پوي ۽ ساڙي ماري ڇڏي، ۽ ڪوبہ انهي کي بيت ايل ۾ وسائي نہ سگهي: 7اوهين جي عدالت کي ڦيرائي ڪَڙي ڪاٺي ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ سچائيءَ کي زمين تي اُڇلائي ٿا ڇڏيو؛ 8انهي کي ڳوليو جو ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙي ٿو، ۽ گُگهہ اونداهي کي ڦيرائي صبح ڪري ٿو؛ ۽ ڏينهن کي رات وانگر اوندهہ ڪري ٿو؛ جو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي ٿو ۽ انهي کي زمين تي اُڇلائي وجهي ٿو؛ خداوند انهي جو نالو آهي. 9جو ڏاڍن تي اوچتو موت آڻي ٿو ۽ انهي ڪري قلعي تي تباهي اچي ٿي. 10جيڪو دروازي ۾ بيهي ملامت ڪري ٿو، تنهن کي هو ڌڪارين ٿا؛ ۽ جيڪو سچ ٻڌائي ٿو تنهن سان هو نفرت ٿا ڪن. 11تنهنڪري جيترو اوهين غريبن کي لتاڙيندا، ۽ ظلم ڪري انهن جي ڪڻڪ کڻندا، اوترو اوهان جيڪي گهڙيل پٿرن جا گهر ٺاهيا آهن تن ۾ اوهين نہ رهندا، ۽ جيڪي اوهان مزي جهڙا ڊاک جا منهہ پوکيا آهن، انهن جو شراب اوهين نہ پيئندا. 12ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهان جا قصور ڪيترا گهڻا آهن، ۽ اوهان جا گناهہ ڪيترا نہ وڏا آهن؛ اوهين جي سچن کي ڏکويو ٿا، ۽ رشوت وٺو ٿا، ۽ مسڪين کي دروازي ۾ سندس حق کان هڪالي ٿا ڪڍو. 13تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي. 14نيڪيءَ کي ڳوليو، نہ بديءَ کي، تہ اوهين جيئرا رهو: تہ پوءِ خداوند لشڪرن جو خدا اوهان سان ٿيندو جيئن اوهين چئو ٿا. 15بديءَ کي ڌڪاريو ۽ نيڪيءَ کي پيار ڪريو، ۽ دروازي ۾ انصاف قائم ڪريو: امڪان آهي تہ خداوند لشڪرن جو خدا يوسف جي باقي رهيلن تي مهربان ٿئي. 16تنهنڪري خداوند، لشڪرن جو خدا ٿو فرمائي، تہ سڀني ڪشادن رستن تي واويلا ٿيندي؛ ۽ سڀني گهٽين ۾ هو چوندا تہ افسوس، افسوس، ۽ هو بچيلن کي ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيندا، ۽ جيڪي اوسارڻ ۾ هوشيار آهن انهن کي روئڻ پِٽڻ لاءِ سڏيندا. 17۽ سڀني ڊاک جي منهن ۾ واويلا پئجي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي وچان لنگهندس. 18اوهين جي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو، تن جي لاءِ افسوس آهي! ڇو اوهين خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اُهو روشنائي نہ پر اوندهہ آهي. 19جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس. 20خداوند جو ڏينهن اونداهي نہ ٿيندو ڇا؟ انهيءَ ۾ روشنائي نہ پر بنا تجلي اوندهہ انڌوڪار هوندو. 21آءٌ اوهانجين عيدن کي ڌڪاريان ٿو ۽ نفرت ٿو ڪريان؛ ۽ اوهانجين پاڪ جماعتن ۾ مون کي ڪابہ خوشي ڪانهي. 22هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجون سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا، تہ بہ اُهي آءٌ قبول نہ ڪندس: نڪي اوهان جي ٿلهن جانورن سان سلامتيءَ جي قرباني تي ڪو ڌيان ڏيندس. 23تون پنهنجن راڳن جو هُل مون کان پري ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجين سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس. 24پر ڇڏيو تہ انصاف پاڻيءَ وانگي هيٺ لهي، ۽ سچائي زور ڀري نهر وانگي. 25اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ منهنجي لاءِ قربانيون ۽ نذرانا آندا هئا ڇا؟ 26هائو، اوهين تہ ملڪوم جا تنبو، ۽ ڪيوان جا بُت، ۽ پنهنجي معبود جو تارو، جي اوهان پاڻ ٺاهيا هئا، کڻي هلندا هئا. 27تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.

ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖

عاموس 5: SB62

គំនូស​ចំណាំ

ចែក​រំលែក

ចម្លង

None

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល