عاموس 3
3
1اي بني اسرائيل، هي ڪلام ٻڌ، جو خداوند اوهان جي برخلاف فرمايو آهي، ۽ انهن سڀني قبيلن جي برخلاف، جن کي هن مصر جي زمين مان ڪڍي آندو: 2زمين جي سڀني قبيلن مان رڳو اوهان کي مون سڃاتو آهي: تنهنڪري آءٌ اوهان کي اوهانجن سڀني گناهن جي سزا ڏيندس. 3ڀلا ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ ٺاهہ ڪرڻ کان سواءِ گڏ هلي سگهندا ڇا؟ 4يا شينهن ڪو ٻيلي ۾ گجندو ڇا، جي هن کي ڪو شڪار نہ لڌو هوندو؟ يا جوان شينهن پنهنجي غار مان ڪو آواز ڪندو ڇا، جي ڪي بہ ڪين جهليو هوندائين؟ 5پکي ڪو زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا، جي اُتي سندس لاءِ ڪو دام نہ رکيو ويو هوندو؟ جي ڦانڌي ۾ ڪجهہ نہ ڦاسندو تہ اُها ڪا مٿي ٽپندي ڇا؟ 6ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟ 7يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو: 8شينهن گجيو آهي، ڪير نہ ڊڄندو؟ خداوند خدا فرمايو آهي، ڪير نبوت نہ ڪندو؟
9اشدود جي محلاتن ۾، ۽ مصر جي محلاتن ۾، اوهين پڌرائي ڪريو، ۽ چئو تہ اوهين سامريہ جي جبلن ۾ گڏ ٿيو ۽ جيڪي وڏا هنگاما ۽ ظلم انهيءَ ۾ آهن، سي ڏسو. 10ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا. 11تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ملڪ جي چوڌاري هڪڙو دشمن ايندو، ۽ اهو تنهنجو زور کسي وٺندو، ۽ تنهنجا محلات لٽجي ويندا. 12خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا. 13اوهين ٻڌو، ۽ يعقوب جي گهراڻي جي برخلاف شاهدي ڏيو؛ خداوند خدا لشڪرن جو خدا ائين ٿو فرمائي. 14ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گناهن جي کين سزا ڏيندس، انهيءَ ڏينهن آءٌ بيت ايل جي قربانگاهن کي بہ سزا ڏيندس، ۽ قربانگاهہ جا سڱ وڍيا ويندا، ۽ زمين تي ڪِري پوندا. 15آءٌ سياري واري گهر کي اونهاري واري گهر سان تباهہ ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ عاج جا گهر چٽ ٿي ويندا ۽ وڏا گهر ناس ٿي ويندا.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
عاموس 3: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង

ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.