YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس 1

1
1ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.
ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن. 2خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو.
شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.
جيئري اميد
3اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي، 4تہ اسين ھڪ غيرفاني، بي⁠داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو اوھان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آھي. 5اوھين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آھيو، انھيءَ لاءِ تہ اھو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري وقت ۾ ظاھر ٿيڻ لاءِ تيار آھي.
6انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو. 7انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري. 8جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي، 9ڇالاءِ⁠جو اوھين پنھنجي ايمان جو مقصد، يعني پنھنجن روحن جو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو ٿا.
10انھيءَ ڇوٽڪاري جي باري ۾ نبين بہ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ پيشنگوئي ڪري انھيءَ فضل جو ذڪر ڪيائون، جيڪو اوھان تي ٿيڻ وارو ھو. 11اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو. 12انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.
پاڪ زندگي گذارڻ
13تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو. 14اوھين فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريو. اھي بريون خواھشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوھان جي جاھليت واري زماني ۾ اوھان منجھہ ھيون. 15پر جيئن اوھان جو سڏڻ وارو پاڪ آھي، تيئن اوھين بہ پنھنجي سموري ھلت چلت ۾ پاڪ ٿيو. 16#لاو ۴۴‏:۱۱‎–۴۵، ۲‏:۱۹ ھن ڪري جو لکيل آھي تہ
”اوھين پاڪ ٿيو،
ڇالاءِ⁠جو آءٌ پاڪ آھيان.“
17ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو. 18اوھين ڄاڻو ٿا تہ اھا اجائي ھلت چلت جيڪا ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ ملي اٿوَ، تنھن کان اوھان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جھڙيون فاني شيون نہ ھيون. 19پر مسيح جي قيمتي رت سان اوھان کي ڇڏايو ويو، جيڪو بي⁠عيب ۽ بي⁠داغ گھيٽي وانگر قربان ٿيو. 20دنيا جي بنائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو ھو. پر ھن آخري زماني ۾ اوھان جي خاطر کيس ظاھر ڪيو ويو. 21اوھان مسيح جي ئي وسيلي خدا تي ايمان آندو آھي. ھن کي خدا مئلن مان جياري اٿاريو ۽ جلال بخشيائينس، انھيءَ لاءِ تہ اوھان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ھجي.
22ھاڻي جڏھن تہ اوھان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آھي ۽ ڀائرن لاءِ حقيقي محبت پيدا ٿي اٿوَ، تڏھن دل⁠وجان سان پاڻ ۾ گَھري محبت رکو. 23ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي. 24#يس ۶‏:۴۰‎–۸ جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ
”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن،
۽ انھن جو سمورو شان
گاھہ جي گل وانگر آھي.
گاھہ سڪي وڃي ٿو
۽ گل ڪري ٿو پوي.
25پر خداوند جو ڪلام
ھميشہ تائين قائم رھندو.“ ھي اھو ئي خوشخبريءَ جو ڪلام آھي، جيڪو اوھان کي ٻڌايو ويو آھي.

Currently Selected:

1.پطرس 1: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy