YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس 2

2
جيئرو پٿر ۽ پاڪ قوم
1تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو. 2جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو. 3#زب ۸‏:۳۴ ڇالاءِ⁠جو اوھان خداوند جي مھربان ھئڻ جو سواد چکيو آھي.
4انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو. 5اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون. 6#يس ۱۶‏:۲۸ ڇالاءِ⁠جو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ
”ڏسو، آءٌ #صيئون: ھتي انھيءَ مان مراد بني اسرائيل قوم آھي.صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو،
جيڪو چونڊيل، قيمتي
۽ سڀ کان اھم پٿر آھي.
جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو،
سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“ 7#زب ۲۲‏:۱۱۸ تنھنڪري اوھين، جن ايمان آندو آھي، تن جي لاءِ اھو قيمتي پٿر آھي. پر جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين تن جي لاءِ اھو لکيل آھي تہ
”جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،
سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.“ 8#يس ۱۴‏:۸‎–۱۵ ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ
”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،
يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.
9 # خر ۵‏:۱۹‎–۶، يس ۲۰‏:۴۳‏،۲۱، شر ۲۰‏:۴، ۶‏:۷، ۲‏:۱۴، طيط ۱۴‏:۲، يس ۲‏:۹ پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي. 10#ھوس ۲۳‏:۲ اڳي اوھين ڇڙوڇڙ ھئا، پر ھاڻي اوھين خدا جي قوم آھيو. اڳي اوھان تي رحمت ڪونہ ٿي ھئي، پر ھاڻي رحمت ٿي اٿوَ.
11اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين. 12غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.
حاڪمن ۽ مالڪن جي تابعداري ڪرڻ
13خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي. 14اھڙيءَ طرح گورنرن جا انھيءَ ڪري تابعدار رھو جو اھي شھنشاھہ جا موڪليل آھن، انھيءَ لاءِ تہ بدڪارن کي سزا ڏين ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جي ساراھہ ڪن. 15ڇالاءِ⁠جو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بي⁠وقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو. 16آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو. 17سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھم⁠ايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.
ڏکن سھڻ ۾ مسيح جو نمونو
18اي نوڪرؤ! ڏاڍي ادب سان پنھنجن مالڪن جي تابع رھو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ سخت طبيعت وارن جي بہ. 19ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بي⁠انصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي. 20ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي. 21انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِ⁠جو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِ⁠قدم تي ھلندا رھو. 22#يس ۹‏:۵۳ جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ
”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو
۽ نہ ئي سندس وات مان
ڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“
23 # يس ۷‏:۵۳ ھو گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنھن کي گار نہ ڏيندو ھو ۽ ڏک سھي بہ ڪنھن کي ڪونہ ڌمڪائيندو ھو، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪندو ھو. 24#يس ۵‏:۵۳ ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا. 25#يس ۶‏:۵۳ ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.

Currently Selected:

1.پطرس 2: SCLNT

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy