انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو. انھن آزمائشن جو مقصد اھو آھي تہ اوھان جو ايمان جيڪو باھہ سان پرکيل فاني سون کان بہ تمام گھڻو قيمتي آھي، سو آزمائڻ سان خالص ثابت ٿي عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت واکاڻ، عظمت ۽ عزت جي لائق ٺھري.