YouVersion Logo
Search Icon

1.پطرس ‮تعارف‬

تعارف
پطرس رسول جو ھي پھريون عام خط انھن ايمان آڻيندڙن ڏانھن آھي، جيڪي ايشيا کنڊ ۾ ترڪيءَ جي اترين علائقن ۾ ٽڙيل پکڙيل ھئا. خط جو مکيہ مقصد انھن پڙھندڙن کي ھمتائڻ آھي، جيڪي پنھنجي ايمان جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪري رھيا ھئا. خط لکندڙ پنھنجي پڙھندڙن کي عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ياد ڏياري ٿو، جنھن ۾ عيسيٰ مسيح جو مري وڃڻ، سندس وري جيئرو ٿيڻ ۽ واعدي موجب سندس موٽي اچڻ، انھن کي اميد ڏيارين ٿا. ھو کين ٻڌائي ٿو تہ انھيءَ اميد جي سھاري کين ڏک برداشت ڪرڻا پوندا، پر سندن دل مطمئن رھندي تہ اھو سندن ايمان جي سچائيءَ جو امتحان آھي ۽ آخرڪار مسيح جي وري موٽي اچڻ واري ڏينھن تي اھي نوازيا ويندا.
ڏکن جي وقت ھنن جي ھمت⁠افزائي ڪرڻ سان گڏ خط لکندڙ پنھنجي پڙھندڙن کي زور ڀري ٿو تہ اھي عيسيٰ مسيح جھڙي پاڪ زندگي گذارين.
سِٽاءُ
پيش لفظ ۱‏:۱‎–۲
خدا جي طرفان مليل ڇوٽڪاري جي يادگيري ۳‏:۱‎–۱۲
پاڪ زندگي گذارڻ جو تاڪيد ۱۳‏:۱‎–۱۰‏:۲
ڏکن جي وقت ايمان آڻيندڙن جي ذميواري ۱۱‏:۲‎–۱۹‏:۴
ايمان آڻيندڙ جي نماڻائي ۽ خدمت ۱‏:۵‎–۱۱
دعا سلام ۱۲‏:۵‎–۱۴

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

YouVersion uses cookies to personalize your experience. By using our website, you accept our use of cookies as described in our Privacy Policy