14
گھيٽڙو ۽ سندس مخصوص ڪيل ماڻهو
1 #
حز 9:4، مڪا 7:3 پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو #14:1 صيئون جبل هن جبل تي اڏيل يروشلم شهر ۾ مقدس هيڪل تعمير ٿيل هئي، جيڪا خدا جي عبادت لاءِ يهودين جي مخصوص جاءِ هئي.صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي. 2ان وقت مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو. اهو آواز اهڙو بہ هو جو ڄڻ تہ ستارَ وارن ستارَ پئي وڄايا. 3اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ بزرگن جي اڳيان بيهي هڪ نئون گيت ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي دنيا مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو گيت سکي ٿي سگھيا. 4#14:4 اهي ڪنوارن جيان... اصلي متن ۾ هي لکيل آهي تہ ”هي اهي ماڻهو آهن جن عورتن کي هٿ بہ نہ لاتو، بلڪ ڪنوارا آهن.“ جڏهن تہ هن جو مطلب گھڻو ڪري روحاني آهي، جسماني نہ، يعني پنهنجو پاڻ کي پاڪ رکندي اهي خدا جي ئي عبادت ڪن ٿا ۽ بتن جي پوڄا کي رد ٿا ڪن. پراڻي عهدنامي ۾ گھڻا ئي دفعا بتپرستيءَ کي زناڪاريءَ سان تشبيهہ ڏني ويئي آهي. اهي ڪنوارن جيان پاڻ کي پاڪ رکندي گھيٽڙي جي ئي پٺيان هلن پيا. جيڏانهن هو وڃي ٿو، اوڏانهن اهي بہ وڃن ٿا. انهن کي گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انسانن مان خريد ڪيو آهي، تہ جيئن خدا ۽ گھيٽڙي جو پهريون ڦل ٿين. 5#صف 3:13 انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بيعيب آهن.
ٽن ملائڪن جا پيغام
6تنهن کان پوءِ مون هڪڙو ملائڪ مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ دائمي خوشخبري هئي. 7هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا جو خوف رکندي سندس تعظيم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي عبادت ڪريو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“
8 #
يس 21:9، ير 51:7-8، مڪا 18:2 هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو #14:8 وڏو شهر بابلٿي سگھي ٿو تہ اهو رومي شهنشاهت ڏانهن اشارو آهي.وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي.“
9انهن ٻنهي ملائڪن جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا، 10#يس 51:17، پيد 19:24، حز 38:22 تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو. 11#يس 34:10 انهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“
12مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ عيسيٰ تي ايمان ٿا رکن.
13پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“
ڌرتيءَ تي لابارو
14 #
دان 7:13
پوءِ مون نهاريو تہ هڪ اڇو ڪڪر آهي ۽ ڇا ڏسان تہ انهيءَ ڪڪر تي #14:14 انساني شڪل جهڙو يا ”ابنِ آدم جهڙو.“ ابنِ آدم خداوند عيسيٰ مسيح جو هڪ لقب آهي (ڏسو متي 8:20). انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ويٺل آهي! هن جي مٿي تي سونو تاج هو ۽ هٿ ۾ هڪڙو تکو ڏاٽو هئس. 15#يوا 3:13 ايتري ۾ هڪڙو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪري آيو ۽ ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنهنجو ڏاٽو هلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ ڌرتيءَ جو فصل پچي راس ٿي ويو آهي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آهي.“ 16تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو.
17ان کان پوءِ هڪڙو ٻيو ملائڪ آسماني هيڪل مان نڪتو، جنهن جي هٿ ۾ بہ تکو ڏاٽو هو. 18پوءِ هڪڙو ٽيون ملائڪ بہ آيو جيڪو قربانگاهہ مان نڪتو، جنهن کي باهہ تي اختيار هو. هن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنهنجو تکو ڏاٽو هلاءِ ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪر، ڇاڪاڻ تہ انگور پچي بلڪل راس ٿي ويا آهن.“ 19انهيءَ ملائڪ پنهنجو ڏاٽو هلايو ۽ ڌرتيءَ جي انگورن واري ول جا ڇڳا وڍي گڏ ڪري رس ڪڍڻ واري انهيءَ وڏي حوض ۾ اڇلايا، جيڪو خدا جي غضب جو حوض آهي. 20#يس 63:3، زار 1:15، مڪا 19:15 شهر کان ٻاهر انهيءَ حوض ۾ انگور پيڙيا ويا تہ انهن مان رت نڪتو، جيڪو ايترو تہ هو جو گھوڙن جي لغامن تائين اچي پهتو ۽ ٽي سؤ ڪلوميٽرن تائين وهي هليو.