Bible App logo
Search Icon

مڪاشفو 15

15
آخري آفتن وارا ملائڪ
1پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.
2مون شيشي جهڙو هڪڙو سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهہ گڏيل هئي ۽ جيڪي انهيءَ حيوان توڙي سندس بت ۽ نالي جي عدد وارين آزمائشن تي غالب پيا هئا، سي خدا جا ڏنل ستارَ وارا ساز کنيو انهيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا هئا. 3#خر 15‏:1‏-18 اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ
”اي خداوند، قادرِمطلق خدا!
تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن!
هائو، اي قومن جا بادشاهہ!
تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!
4 # ير 10‏:7، زب 86‏:9 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟
تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟
ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين.
سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون،
ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“
5انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڏٺو تہ هيڪل يعني خدا سان ملاقات واري جاءِ کُليل نظر آئي. 6انهيءَ مان اهي ست ملائڪ نڪتا، جن وٽ ست آفتون هيون. انهن کي صاف سٿريون ۽ چمڪندڙ پوشاڪون پهريل هيون ۽ سندن ڇاتين تي سونهري رنگ جا سينابند ٻڌل هئا. 7پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جي غضب سان ڀريل هئا. 8#خر 40‏:34، 1.با 8‏:10‏-11، 2.توا 5‏:13‏-14، يس 6‏:4 هيڪل خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي ۽ جيستائين انهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪوبہ هيڪل ۾ گھڙي نہ سگھيو.

Currently Selected:

مڪاشفو 15: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in