انهن ٻنهي ملائڪن جي پٺيان هڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا، تن کي خدا جي غضب جي مئي مان پيئڻو پوندو، يعني اها مئي جيڪا هن پنهنجي غضب جي پيالي ۾ بنا ڪنهن ملاوٽ جي وڌي آهي. انهن سڀني کي پاڪ ملائڪن ۽ گھيٽڙي جي اڳيان باهہ ۽ گندرف جو عذاب ڏنو ويندو. انهن جي عذاب جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت کي سجدو ڪن ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“