13
ٻہ حيوان
1 #
دان 7:3، مڪا 17:3،7-12 پوءِ مون هڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي ڏهہ سڱ ۽ ست مٿا هئا. سندس هر سڱ تي هڪ تاج هو ۽ سندس هر مٿي تي ڪفر جو هڪ نالو لکيل هو. 2#دان 7:4-6 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو. 3مون ڏٺو تہ هن جي هڪڙي مٿي تي ڄڻ تہ موتمار ڌڪ لڳل هو، پر اهو زخم ڇٽي ويو هو. ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو حيران ٿي ويا ۽ انهيءَ حيوان جا پوئلڳ بڻجي ويا. 4ماڻهن ازدها کي سجدو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ حيوان کي پنهنجو اختيار ڏنو هو. هنن حيوان کي بہ سجدو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هن حيوان جهڙو ڪير آهي ۽ ڪير هن سان وڙهي ٿو سگھي؟“
5 #
دان 7:8،25، 11:36 انهيءَ حيوان کي ڪفر بڪڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو. 6سو هن پنهنجو وات کوليو ۽ خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳو. هائو، هو خدا جي نالي ۽ سندس عرش عظيم جي خلاف ۽ اتي رهڻ وارن جي خلاف ڪفر بڪندو رهيو. 7#دان 7:21 انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو. 8#زب 69:28 ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.
9جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي تہ 10#ير 15:2، 43:11 جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ثابت قدم ۽ ايمان ۾ مضبوط رهن.
11پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو. 12انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن زمين ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان کي سجدو ٿي ڪرايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو. 13هُن وڏا معجزا ٿي ڏيکاريا، ايتري تائين جو ماڻهن جي سامهون آسمان مان زمين تي باهہ ٿي وسايائين. 14اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو. 15انهيءَ ٻئي حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي بت ۾ روح ڦوڪي، تہ جيئن اهو بت ڳالهائي ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ کي سجدو نہ ڪن تن کي مارائي ڇڏي. 16انهيءَ ٻئي حيوان وڏن توڙي ننڍن، دولتمندن توڙي غريبن، آزادن توڙي غلامن سڀني کي سندن ساڄي هٿ يا پيشانيءَ تي هڪڙو نشان هڻائي ڇڏيو. 17ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اهو نشان نہ هجي، يعني انهيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.
18انهيءَ ڳالهہ کي سمجھڻ لاءِ وڏي ڏاهپ جي ضرورت آهي. جنهن کي سمجھہ آهي سو انهيءَ حيوان جي نالي جو عدد ڳڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو #13:18 ڪنهن ماڻهوءَ يا ”انسانذات“ بہ ممڪن آهي.ڪنهن ماڻهوءَ جو عدد آهي ۽ اهو عدد ڇهہ سؤ ڇاهٺ آهي.