12
عورت ۽ ازدها
1پوءِ آسمان ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ عورت نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو. 2اها عورت پيٽ سان هئي ۽ ويم جي سورن جي ڪري ڏاڍيون رڙيون پئي ڪيائين.
3 #
دان 7:7
ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا. 4#دان 8:10 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي. 5#يس 66:7، زب 2:9 عورت کي ٻار ڄائو، يعني اهو پٽ جيڪو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪمراني ڪندو. انهيءَ ٻار کي بچائي هڪدم خدا ۽ سندس تخت وٽ آندو ويو. 6جڏهن تہ عورت پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي خدا هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي #12:6 هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن يعني ساڍا ٽي سال (ڏسو آيت 14).هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.
7 #
دان 10:13،21، 12:1، يهو 9 انهيءَ دوران آسمان ۾ جنگ لڳي. ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انهيءَ ازدها سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. ازدها ۽ سندس ملائڪ بہ انهن سان وڙهيا، 8پر کين شڪست آئي. تنهنڪري آسمان ۾ انهن جي ڪابہ جاءِ نہ رهي. 9#پيد 3:1، لو 10:18 اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.
10 #
ايو 1:9-11، زڪ 3:1 پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ
”هاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاهي
۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي،
ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو،
جيڪو رات ڏينهن اسان جي خدا جي اڳيان
مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو،
سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.
11اسان جا ڀائر ڀينر گھيٽڙي جي رت جي وسيلي
۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪري مٿس غالب پيا.
هنن مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ ڪيو.
12تنهنڪري اي آسمانؤ ۽ آسمانن جا رهاڪؤ!
اوهين خوشيون ڪريو.
پر اي زمين ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي،
ڇاڪاڻ تہ ابليس اوهان تي اچي پيو آهي.
هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ
سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“
13سو جڏهن انهيءَ ازدها ڏٺو تہ کيس ڌرتيءَ تي ڪيرايو ويو آهي، تڏهن هو انهيءَ عورت کي ستائڻ لاءِ سندس پٺيان لڳو جنهن کي پٽ ڄائو هو. 14#دان 7:25، 12:7 پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن #12:14 ساڍن ٽن سالن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن (ڏسو آيت 6).ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. 15پوءِ ازدها انهيءَ عورت جي پٺيان پنهنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وهايو تہ جيئن کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. 16پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو. 17ازدها کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنهنڪري هو عورت جي باقي اولاد، يعني جيڪي خدا جي حڪمن تي هلن ٿا ۽ عيسيٰ بابت شاهديءَ تي قائم آهن، تن سان جنگ ڪرڻ لاءِ هليو ويو 18۽ سمنڊ جي ڪناري تي وڃي بيٺو.