پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي. پوءِ ازدها انهيءَ عورت جي پٺيان پنهنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وهايو تہ جيئن کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي. پر زمين انهيءَ عورت جي مدد ڪئي ۽ پنهنجو وات کولي انهيءَ پاڻيءَ کي پي ويئي، جيڪو ازدها پنهنجي وات مان وهايو هو.