11
ٻہ شاهد
1 #
حز 40:3، زڪ 2:1-2 پوءِ مون کي ماپ ڪرڻ لاءِ هڪڙو ڪانو ڏنو ويو ۽ چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ وڃي خدا جي هيڪل ۽ ان جي قربانگاهہ جي ماپ ڪر ۽ جيڪي اُن ۾ عبادت ڪن ٿا تن کي ڳڻ. 2#لو 21:24 پر هيڪل جي ٻاهرين اڱڻ کي ڇڏي ڏي ۽ ان جي ماپ نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، جيڪي هن پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين لتاڙينديون رهنديون. 3آءٌ پنهنجي ٻن شاهدن کي اختيار ڏيندس تہ اهي اِنهن مهينن يعني هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين کٿو ڍڪي پيغام ٻڌائين.“
4 #
زڪ 4:3،11-14 اهي ٻہ شاهد ٻہ زيتون جا وڻ ۽ ٻہ شمعدان آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي مالڪ جي حضور ۾ بيٺا آهن. 5جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو. 6#1.با 17:1، خر 7:17-19، 1.سم 4:8 انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آسمان بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو پيغام ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.
7 #
دان 7:7،21، مڪا 13:5-7، 17:8 پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وڌائين. 8#يس 1:9-10 سندن لاش انهيءَ وڏي شهر جي سڙڪ تي پيا رهيا، جتي انهن جي خداوند کي صليب تي چاڙهيو ويو هو. انهيءَ شهر کي علامتي طور سدوم ۽ مصر سان ڀيٽي سگھجي ٿو. 9انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون. 10ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.
11 #
حز 37:10
اِنهن ساڍن ٽن ڏينهن کان پوءِ خدا انهن شاهدن ۾ وري حياتيءَ جو روح ڦوڪيو ۽ اهي اُٿي کڙا ٿيا. جيڪي کين ڏسي رهيا هئا، تن کي ڏاڍي دهشت وٺي ويئي. 12#2.با 2:11 ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا. 13#مڪا 6:12، 16:18 انهيءَ ئي مهل ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو ۽ اِن وڏي شهر جو ڏهون حصو ڪري تباهہ ٿي ويو. انهيءَ زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا ۽ باقي بچيل ماڻهن ۾ دهشت ڦهلجي ويئي ۽ اهي عرش عظيم جي خدا جي عظمت مڃڻ لڳا.
14ائين ٻي مصيبت بہ لنگھي ويئي. هاڻ ٽين مصيبت جلد اچڻ واري آهي.
ستون توتارو
15 #
خر 15:18، دان 2:44، 7:14،27 جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“ 16#مڪا 4:4پوءِ اهي چوويهہ بزرگ جيڪي خدا جي اڳيان پنهنجي پنهنجي تخت تي ويٺا هئا، سي منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري 17چوڻ لڳا تہ
”اي خداوند، قادرِمطلق خدا!
تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين،
اسين تنهنجا شڪرانا بجا آڻيون ٿا،
ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري
بادشاهي ڪرڻ لڳو آهين.
18 #
زب 2:5، 110:5، 115:13 قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو.
هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي،
جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو.
هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ
۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا،
جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا،
تن کي سندن اجر ڏنو ويندو،
۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا،
تن کي برباد ڪيو ويندو.“
19 #
مڪا 3:8، 16:18،21 پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.