قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنهنجو غضب نازل ٿيو.
هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي،
جڏهن مري ويلن جو انصاف ٿيندو.
هائو، تنهنجا ٻانها، يعني تو خدا جو پيغام ڏيندڙ
۽ مسيح ۾ چونڊي سڀيئي پاڪ ڪيل ننڍا توڙي وڏا،
جيڪي تنهنجو خوف رکن ٿا،
تن کي سندن اجر ڏنو ويندو،
۽ جيڪي ڌرتيءَ کي برباد ڪن ٿا،
تن کي برباد ڪيو ويندو.“