YouVersion Logo
Search Icon

مڪاشفو 10

10
ملائڪ ۽ ننڍڙو ويڙهوٽو
1پوءِ مون هڪڙي طاقتور ملائڪ کي آسمان مان لهندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ويڙهيل هو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ هئي. هن جو منهن سج جهڙو هو ۽ سندس ٽنگون باهہ جي ٿنڀن جهڙيون هيون. 2هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو. 3پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا. 4جڏهن گجگوڙن جا اهي ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون انهن جون ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان هڪڙو آواز ٻڌم، جنهن چيو تہ ”جيڪي ڳالهيون انهن ستن گجندڙ آوازن ڪيون، تن کي ڳجھو رک ۽ لک نہ.“
5 # خر 20‏:11، شر 32‏:40، دان 12‏:7، عا 3‏:7 ان کان پوءِ جنهن ملائڪ کي مون سمنڊ ۽ زمين تي بيٺل ڏٺو، تنهن پنهنجو ساڄو هٿ آسمان ڏانهن کنيو 6۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندڙ خدا جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي. 7پر انهن ڏينهن ۾ جڏهن ستون ملائڪ توتارو وڄائڻ وارو هوندو تڏهن خدا پنهنجي راز جون ڳالهيون پوريون ڪندو، جيڪي هن پنهنجي ٻانهن يعني نبين کي ٻڌايون هيون.“
8 # حز 2‏:8‏–3‏:3 پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو هو، تنهن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آهي، تنهن جي هٿ مان اهو کُليل ويڙهوٽو وٺ.“ 9آءٌ انهيءَ ملائڪ وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم تہ ”اهو ننڍڙو ويڙهوٽو مون کي ڏيو.“ هن مون کي چيو تہ ”هي وٺ ۽ کاءُ. هي تنهنجو پيٽ ڪؤڙو ڪندو. پر شروعات ۾ تنهنجي وات کي اهڙو مٺو لڳندو جهڙي ماکي.“ 10مون اهو ننڍڙو ويڙهوٽو ملائڪ کان وٺي کائي ڇڏيو. منهنجي وات ۾ تہ اهو ماکيءَ جهڙو مٺو لڳو، پر جڏهن کائي بس ڪيم تہ منهنجو پيٽ ڪؤڙو ٿي پيو. 11پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ بادشاهن جي باري ۾ خدا جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“

Currently Selected:

مڪاشفو 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in