Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 9

9
1ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها،
۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها.
انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن
پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.
2ڪاش! بيابان ۾ منهنجي لاءِ
ڪو مسافرخانو هجي ها،
تہ جيئن آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي
کانئن پري وڃي اتي رهان ها،
ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ خدا سان بي‌وفائي ڪندڙ
۽ دغابازن جو ٽولو آهن.
3 خداوند فرمائي ٿو تہ
”هو پنهنجي زبان کي ڪُوڙ ڳالهائڻ لاءِ
ائين تيار ٿا رکن،
جيئن ڪو تيرڪمان تير وسائڻ لاءِ تيار رکبو آهي.
هو سچ جي ذريعي نہ،
بلڪ ڪوڙ جي ذريعي ملڪ ۾ زور وٺندا وڃن ٿا.
هو گناهن پٺيان گناهہ ڪن ٿا پيا
۽ منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني اٿائون.
4ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو،
پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو،
ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري
۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.
5هر دوست پنهنجي دوست سان دوکو ٿو ڪري،
ڪوبہ سچ ڪونہ ٿو ڳالهائي.
هر ڪو پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ ٿو سيکاري.
هو تيستائين گناهہ ڪندا رهن ٿا،
جيستائين منجھن گناهہ ڪرڻ جي ٿوري بہ طاقت آهي.
6اي يرمياہ! تون ٺڳن جي وچ ۾ رهين ٿو،
جن پنهنجي ٺڳيءَ جي ڪري
منهنجي سڃاڻ ڇڏي ڏني آهي.
آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
7سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس،
هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس،
انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.
8هنن جي زبان هڪ موتمار تير مثل آهي،
اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري.
هائو، هر ماڻهو پنهنجي زبان سان
تہ ٻئي سان خير وَ سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري،
پر دل ۾ اُن لاءِ مندائي اٿس.
9ڇا انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ کين سزا نہ ڏيان؟
ڇا آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو نہ وٺان؟
آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
10مون يرمياہ چيو تہ
”آءٌ جبلن جي ويرانيءَ تي روئندس رڙندس،
۽ چراگاهن جي برباديءَ تي مرثيہ چوندس.
ڪوئي اتان گذري بہ ڪين ٿو،
۽ نہ اتي ڍورن جي ڍِڪَڻ جو آواز ٻڌجي ٿو،
ڇاڪاڻ تہ پکي توڙي جانور سڀ اتان هليا ويا آهن.“
11تڏهن خداوند وراڻيو تہ
”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس،
بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس،
جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“
12مون خداوند کان پڇيو تہ ”ڇو اهو ملڪ برباد ٿيو ۽ سڪي سڙي اهڙو ٺوٺ ٿي ويو آهي جو ڪوبہ انهيءَ مان نہ ٿو لنگھي؟ ڪهڙو ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو اِها ڳالهہ سمجھي سگھي؟ اُهو ڪير آهي جنهن کي تو خداوند طرفان اها ڳالهہ سمجھائڻ سيکاريو ويو آهي؟“ 13خداوند فرمايو تہ ”اهو انهيءَ ڪري جو هنن انهيءَ شريعت کي ڇڏي ڏنو آهي جيڪا مون کين ڏني هئي. هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي ۽ شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿائون. 14اٽلندو هنن پنهنجي دلين جي هوڏ موجب بعل ديوتائن کي پوڄيو آهي، جيئن کين سندن ابن ڏاڏن سيکاريو هو. 15سو ڏس تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا ڇا ڪرڻ وارو آهيان. آءٌ هن قوم کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس. 16آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“
يروشلم ۾ واءِ‌ويلا
17قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ
”سوچو تہ هاڻ ڇا ٿيندو!
ماتمي عورتن کي گھرايو،
بلڪ انهيءَ ڪم ۾ اڃا بہ وڌيڪ ماهر عورتن کي گھرايو.“
18ماڻهن وراڻيو تہ
”بيشڪ اهي جلدي اچن ۽ اچي اسان تي ويڻ ڪن،
تان جو اسان جون اکيون ڳوڙهن سان اٿلي پون
۽ اسان جي پنبڻين مان نير جاري ٿين.
19انهيءَ سبب جو #9‏:19 صيئون يعني يروشلم.صيئون منجھان
واءِ‌ويلا جو آواز ٿو اچي تہ
’اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون!
اسين ڪيڏا نہ خوار خراب ٿيا آهيون!
اسان کي هي ملڪ ڇڏي وڃڻ گھرجي،
ڇاڪاڻ تہ اسان جا گھر مٽيءَ جو ڍير بڻجي ويا آهن.‘“
20مون يرمياہ چيو تہ
”اي عورتون! خداوند جي ڳالهہ ٻڌو،
سندس لفظن ڏانهن ڌيان ڏيو.
اوهين پنهنجين ڌيئرن کي ويڻ ڪرڻ
۽ هڪٻئي کي واءِ‌ويلا ڪرڻ سيکاريو،
21ڇاڪاڻ تہ موت اسان جي درين منجھان ٽپي
اسان جي قلعن اندر گھڙي آيو آهي،
ان ننڍڙن ٻارن کي گھٽين ۾
۽ نوجوانن کي چونڪن تي وڍي اڇلائي ڇڏيو آهي.
22 خداوند مون کي هي اعلان ڪرڻ لاءِ چيو تہ
’ماڻهن جا لاش کُليل ميدان ۾
گند ڪچري وانگر پکڙيا پيا هوندا،
جيئن ڪنهن لاباري ڪندڙ جي پويان
اناج جا تِيلا ڪريا پيا هوندا آهن،
جن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو نہ هوندو آهي.‘“
23 خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري،
نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري،
نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،
24 # 1.ڪر 1‏:31، 2.ڪر 10‏:17 پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ
هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو،
۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت،
انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو،
بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“
25‏-26 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اُهي ڏينهن اچڻ وارا آهن جڏهن آءٌ هنن سڀني کي سزا ڏيندس، يعني مصر، يهوداہ، #9‏:25‏-26 ادوم، عمون ۽ موآب اهي علائقا اسرائيل ملڪ جي اوڀر ۾ هئا.ادوم، عمون ۽ موآب وارن کي ۽ بيابان ۾ رهڻ وارن کي جيڪي #9‏:25‏-26 لوندڙيون ڪوڙائي ٻُچي ڏاڙهي رکن ٿا بيابان ۾ رهڻ وارا پنهنجي معبودن جي تعظيم خاطر پنهنجي لوندڙين جا وار ڪوڙائيندا هئا. بني اسرائيل لاءِ غير قومن واري انهيءَ رسم جي منع هئي (ڏسو لاوي سرشتو 19‏:27).لوندڙيون ڪوڙائي ٻچي ڏاڙهي رکن ٿا. اهي سڀ ماڻهو طهريل تہ آهن پر رڳو نالي جا، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجي عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. منهنجي عهد کي نڪي انهن قومن ۽ نہ ئي وري بني اسرائيل قائم ڪيو آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 9: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in