خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري،
نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري،
نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،
پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ
هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو،
۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت،
انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو،
بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“