8
1انهيءَ وقت يهوداہ جي بادشاهن ۽ سندن عملدارن جا هڏا، ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن جا هڏا ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا سندن قبرن مان ڪڍيا ويندا. 2سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا. 3انهيءَ خراب قوم مان جيڪي باقي بچندا ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو هوندو، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا. آءٌ قادرِمطلق خداوند ائين ٿو چوان.“
گناهہ ۽ سزا
4 خداوند مون کي پنهنجي قوم لاءِ هي پيغام ڏنو تہ
”جيڪڏهن ڪو ڪري پوندو آهي
تہ اهو وري اٿندو ناهي ڇا؟
جيڪڏهن ڪو پنهنجو رستو وڃائي ويهندو آهي
تہ هو وري ان تي موٽندو ناهي ڇا؟
5تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ!
اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟
اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو
۽ وري مون آڏو توبهہتائب نہ ٿا ٿيو.
6مون ڌيان سان ٻڌو آهي،
پر اوهان مان ڪوبہ سچ نہ ٿو ڳالهائي.
ڪوبہ ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي
۽ ائين نہ ٿو چوي تہ ’هاءِ! هي مون ڇا ڪيو؟‘
بلڪ هر ڪو پنهنجي بڇڙائيءَ واري واٽ وٺيو پيو ٿو هلي،
جيئن ڪو گھوڙو جنگ ۾ ڊوڙندو ئي رهندو آهي.
7لقلق پکي بہ
پنهنجي لاءِ مقرر ڪيل موسم کان باخبر هوندو آهي.
ڳيرا، ابابيل ۽ ڪنگ بہ پنهنجي لڏپلاڻ جي مند ڄاڻن ٿا.
مگر اوهان منهنجي قوم کي اها خبر ئي ناهي
تہ مون خداوند اوهان کي ڪهڙا قاعدا قانون ڏنا آهن.
8اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين تہ داناءَ آهيون
۽ اسان وٽ خداوند جي شريعت آهي‘؟
پر ڏسو، عالمن پنهنجي ڪوڙي قلم سان
شريعت جي سچائيءَ کي ڦيرائي ڇڏيو آهي.
9سو داناءَ شرمندا ڪيا ويندا.
اهي نراس ڪيا ويندا ۽ پنهنجي دام ۾ پاڻ ڦاسندا.
جيئن تہ هنن مون خداوند جي فرمان کي رد ڪري ڇڏيو آهي،
تہ پوءِ وٽن ڪهڙي دانائي باقي بچي آهي؟
10 #
ير 6:12-15
انهيءَ ڪري آءٌ سندن زالون ٻين کي ڏيئي ڇڏيندس،
۽ هنن جون ٻنيون ٻين جي قبضي ۾ ڏيندس،
ڇاڪاڻ تہ ننڍو هجي توڙي وڏو
سڀني کي دولت ڪمائڻ جو حرص آهي.
نبي سڏائيندڙ کان وٺي ڪاهن تائين
سڀ ٺڳيءَ جا ڪم ڪن ٿا.
11 #
حز 13:10
منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي
معمولي رهڙون نظر اچن ٿا،
اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا ٿا وتن،
جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.
12ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟
نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن.
کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي.
سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا.
جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
13 خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي قوم کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس.
اهي انگور جي اهڙي ول جيان ٿيندا،
جنهن ۾ ڪو انگور نہ بچيو هجي.
اهي انجير جي اهڙي وڻ جيان ٿيندا،
جنهن ۾ ڪو انجير نہ بچيو هجي
۽ جنهن جا پن بہ سڪي سڙي ويندا.
جيڪي ڪجھہ مون کين ڏنو آهي،
سو سڀ کانئن کسيو ويندو.“
14تڏهن ماڻهو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ
”جيئن تہ خداوند اسان جي خدا
اسان لاءِ ناس ٿيڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي،
۽ اسان کي زهريلو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس،
ڇو تہ اسين هن جا ڏوهاري آهيون،
پوءِ اسين ڇو هتي ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟
پاڻ ۾ گڏ ٿيو ۽ هلو
تہ ڪوٽن وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون،
پوءِ ڀلي اتي ناس ٿيون.
15 #
ير 14:19
اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون،
پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي.
اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون،
پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،
16ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ
دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا.
هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي
سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي.
اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن
تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي
۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“
17 خداوند ٿو فرمائي تہ
”خبردار ٿجو،
آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس،
جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو،
۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“
يرمياہ جو پنهنجي قوم لاءِ افسوس ڪرڻ
18منهنجو ڏک حد کان ٻاهر آهي،
منهنجي دل اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي!
19ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز
پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ
”ڇا خداوند #8:19 صيئون يروشلم شهر جي صيئون جبل تي خداوند جي مقدس هيڪل اڏيل هئي.صيئون مان هليو ويو آهي؟
ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“
خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ
”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي،
جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي
مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“
20ماڻهو دانهون ڪندي چون ٿا تہ
”بهار ۽ اونهارو آيا بہ،
۽ اهي گذري بہ ويا،
پر اڃا تائين اسان کي ڇڏايو نہ ويو آهي.“
21منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي،
ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان.
آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان
۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.
22 # 8:22 جِلعاد هي علائقو اردن درياءَ جي اوڀر ۾ آهي، جتي مختلف جڙي ٻوٽين مان هر طرح جون دوائون تيار ڪيون وينديون هيون. جِلعاد ۾ ڪا دوا ڪانهي ڇا؟
اتي ڪو حڪيم ڪونهي ڇا؟
پر منهنجي قوم جا زخم انهن کان ڇٽڻ جا ناهن.