Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 10

10
خدا‌پرستي ۽ بت‌پرستي
1اي اسرائيل وارؤ! ٻڌو، خداوند اوهان کي ڇا ٿو فرمائي. 2خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوهين ٻين قومن وارا طور طريقا نہ سکو
۽ آسمان وارين نشانين کان خوف‌زدہ نہ ٿيو،
جن کان ٻيون قومون خوف‌زدہ ٿين ٿيون.
3انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا
مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن.
هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا
۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان
گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو.
4ان کي هو سون ۽ چانديءَ سان سينگارين ٿا.
هو انهيءَ کي مترڪن سان ڪوڪا هڻي
قابو ڪن ٿا تہ جيئن لچڪي نہ.
5واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان
هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن.
اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن،
تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي.
سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو،
هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“
6بيشڪ اي خداوند! تنهنجو ثاني ڪوبہ ڪونهي،
تون عظيم آهين،
۽ تنهنجو نالو وڏيءَ قدرت وارو آهي.
7 # مڪا 15‏:4 اي قومن جا بادشاهہ!
ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟
ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين.
قومن جي سڀني دانائن ۾،
۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾
تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
8جڏهن تہ هي سڀ بي‌عقل ۽ بي‌وقوف آهن،
هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!
9هنن جي بتن تي نج سون
۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن،
جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن.
انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي،
جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.
10پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين،
تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين.
جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي،
۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.
11(#10‏:11 اوهين انهن کي ٻڌايو اصلي مسودي ۾ هيءَ آيت ارامي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جيڪا گھڻو ڪري بني اسرائيل جي جلاوطن ماڻهن کي مخاطب ڪندي لکي ويئي آهي.اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِ‌زمين تان ناس ٿي ويندا).
خدا جي واکاڻ جو گيت
12خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي،
هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي،
۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.
13 # پيد 1‏:6‏-8، زب 135‏:7 هن جي هڪل تي
آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي.
ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو،
مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو،
۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.
14اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو
بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو.
هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو،
ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن،
منجھن ساهہ ئي ڪونهي.
15اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن،
جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.
16 يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي،
سو انهن جهڙو ناهي،
ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي
۽ بني اسرائيل قوم کي
هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
جلاوطنيءَ جي وقت جو ويجھو اچڻ
17اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين جيڪي گھيري هيٺ آهيو، پنهنجو وطن ڇڏي وڃڻ جي تياري ڪندي پنهنجي مڏي ميڙي گڏ ڪريو. 18انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، جيڪي هن ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ کانڀاڻيءَ ۾ پيل پٿر وانگر اڇلائڻ وارو آهيان. آءٌ مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس جو پاڻيهي ياد ڪندا.“
19يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ
”هاءِ! اسان جي خستہ‌حالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن!
اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ
اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ
اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.
20اسان جا گھر ڊاهي تباهہ ڪيا ويا آهن.
اسان جا ٻار اسان کان کسيا ويا آهن،
ڪوبہ ڪونهي جيڪو اسان جي پناهہ لاءِ وري گھر جوڙي.“
21مون کين وراڻيو تہ
”اسان جا اڳواڻ بي‌سمجھہ آهن،
ڇوجو خداوند کان ڪابہ پڇا نہ ٿا ڪن.
تنهنڪري ئي هو ناڪام ٿي ويا آهن،
۽ اسين رڍن وانگر ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهيون.
22ٻڌو، خبر آئي آهي تہ
اتر واري قوم ۾ وڏو هل هنگامو آهي!
انهيءَ جو لشڪر يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري
گدڙن جي جوءِ بڻائي ڇڏيندو.“
يرمياہ جي دعا
23اي خدواند! مون کي خبر آهي
تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي.
اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ
جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.
24اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي،
پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون.
25بلڪ پنهنجو غضب تون انهن قومن تي نازل ڪر،
جيڪي تو کي نہ ٿيون مڃين،
هائو، انهن پيڙهين تي جيڪي تنهنجو نالو نہ ٿيون وٺن،
ڇاڪاڻ تہ انهن تنهنجي قوم کي ماري ڇڏيو آهي.
هائو، انهن اسان کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو آهي
۽ اسان جي ملڪ کي مٽيءَ جا ڍير ڪري ڇڏيو اٿن.

Currently Selected:

يرمياہ 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 10