4
توبهہ جو سڏ
1 خداوند ٿو فرمائي تہ
”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ،
هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيندءُ،
جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي
پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ،
منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،
2۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾
مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ،
تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري
برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“
3 #
هوس 10:12
خداوند يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن کي فرمائي ٿو تہ
”جيئن خالي پيل زمين کي کيڙي تيار ڪبو آهي،
تہ جيئن ٻج ڪنڊن جي بجاءِ انهيءَ ۾ پوکجي،
تيئن اوهين پنهنجي دلين کي تيار ڪريو.
4اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ!
اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو،
۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو.
جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ،
تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري
منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي،
۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي
جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“
يهوداہ ملڪ تي ڪاهہ جو خطرو
5 يروشلم ۾ بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ ۾ اعلان ڪرايو وڃي،
هائو، پڙها ڏياري ۽ نفيلون وڄائي وڏي واڪي پڪاريو وڃي تہ
”اچو تہ گڏجي ڪوٽ وارن شهرن ڏانهن ڀڄي هلون.“
6 # 4:6 صيئون يعني يروشلم شهر. صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو،
بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو!
ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان
آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي.
7اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي،
قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي.
اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ
هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي.
توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا
۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.
8انهيءَ ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو،
روئو رڙو ۽ واءِويلا ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ
اسان يهوداہ وارن تان ٽري ناهي.
9 خداوند فرمائي ٿو تہ ”انهيءَ ڏينهن بادشاهہ ۽ امير بيهمت ٿي پوندا، ڪاهنن کي دهشت وٺي ويندي ۽ نبي دهلجي ويندا.“
10تڏهن مون يرمياہ چيو تہ ”اي خداوند خدا! تو ڪيئن نہ هن قوم ۽ يروشلم کي صفا دوکو ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو چيو هو تہ ’اوهين سلامت رهندا،‘ پر هاڻي تہ تلوار اسان جي ڪنڌ تي اچي پهتي آهي.“
11انهيءَ وقت هن قوم ۽ يروشلم کي خداوند جو هي پيغام ٻڌايو ويندو تہ ”بيابان مان وارياسن دڙن کان منهنجي قوم ڏانهن تباهيءَ جو واءُ گھُلندو، جيڪو نہ تہ وائر ڪرڻ لاءِ هوندو ۽ نہ صفائيءَ لاءِ، 12پر اهو هڪڙو سخت واءُ هوندو جيڪو منهنجي طرفان هوندو. انهن تي اها فتويٰ آءٌ خداوند ڏيان ٿو.“
13ڏسو، دشمن ڪڪرن وانگر وڌندو ٿو اچي.
هن جون جنگي گھوڙي گاڏيون واچوڙي وانگر آهن،
۽ سندن گھوڙا عقابن کان بہ تيز آهن.
اسان تباهہ ٿي وياسين، اسان برباد ٿي وياسين.
14اي يروشلم وارؤ!
پنهنجين دلين کي بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪريو،
تہ جيئن اوهان جو بچاءُ ٿئي.
ڪيستائين اوهين برا خيال پچائيندا رهندءُ؟
15دان شهر ۽ افرائيم جي جابلو علائقي مان آيل قاصد
مصيبت جو اعلان ڪن ٿا.
16هائو، هو قومن کي آگاهہ ٿا ڪن
۽ يروشلم ۾ هن ڳالهہ جي منادي ٿا ڪن تہ
”ڏورانهين ملڪ مان هڪ گھيرو ڪندڙ لشڪر
يهوداہ جي شهرن خلاف جنگي نعرا هڻندو اچي ٿو.“
17اهو لشڪر يروشلم کي چوڌاري ائين وڪوڙي ڇڏيندو
جيئن ڪنهن جاءِ جي چوڌاري پهريدار بيٺا هوندا آهن،
ڇاڪاڻ تہ يهوداہ خداوند خلاف بغاوت ڪئي آهي.
خداوند ائين فرمايو آهي.
18اي يهوداہ وارؤ!
اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن
اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي.
اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي.
اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!
يرمياہ کي ڏک
19هاءِ منهنجي دل! هاءِ منهنجي دل!
منهنجي دل ڏاڍي تڪليف ۾ آهي.
منهنجي دل ڏاڍي تڙپي ٿي!
مون کان ماٺ ٿي نہ ٿي سگھي،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ نفيلن جو آواز ۽ جنگ جا نعرا ٻڌان ٿو.
20مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي،
۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي.
اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا،
هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.
21آءٌ ڪيستائين جنگ جو جوش ڏسان
۽ ڪيستائين نفيلن جا آواز ٻڌان؟
22خداوند فرمائي ٿو تہ
”بيشڪ منهنجي قوم بيعقل آهي،
اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي.
اهي بيسمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي.
اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“
يرمياہ جي رويا
23مون ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو،
ڇا ڏسان تہ اُها ويران ۽ سڃي لڳي پيئي آهي.
آسمان ڏانهن نهاريم،
ڇا ڏسان تہ ان ۾ ڪا روشني ئي ڪانهي.
24جبلن ڏانهن نهاريم،
ڇا ڏسان تہ اهي ڏڪن ٿا پيا.
ٽڪرين ڏانهن نهاريم،
ڇا ڏسان تہ اهي سڀ هيڏي هوڏي پيون لرزن.
25مون هيڏي هوڏي نهاريو،
ڇا ڏسان تہ ڪو ماڻهو ئي نظر نہ ٿي آيو،
پکي بہ اُڏامي هليا ويا هئا.
26مون وري نهاريو،
ڇا ڏسان تہ سرسبز ٻنيون بيابان لڳيون پيون آهن،
۽ ان ملڪ جا سمورا شهر
خداوند جي سخت غضب ڪري ڊهي ڍير ٿيا پيا آهن.
27انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ
”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي،
جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.
28انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي
۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو.
آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان
۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“
29مون ڏٺو تہ گھوڙي سوارن ۽ تيراندازن جي گوڙ شور تي
سڀني شهرن وارا ڀڄندا ٿا وڃن.
ڪي گھاٽن جھنگن ۾ گھڙيا ٿا وڃن
تہ ڪي ٽڪرين تي چڙهندا ٿا وڃن.
سمورن شهرن ۾ سڃ لڳي پيئي آهي.
منجھن ڪوبہ رهڻ وارو باقي نہ بچيو آهي.
30اي يروشلم جي بستي! تنهنجي مقدر ۾ بربادي لکيل آهي،
پوءِ تون هي ڇا ٿي ڪرين؟
تون ڇو ٿي کهنبا ڪپڙا ڍڪين
۽ ڇو ٿي سونا زيور پائين؟
ڇو ٿي ڪڃريءَ جيان ڪجل سان پنهنجيون اکيون سينگارين؟
تنهنجو سينگار اجايو آهي،
ڇاڪاڻ تہ تنهنجا عاشق تو کان نفرت ڪن ٿا
۽ تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.
31آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو،
جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي،
هڪ اهڙي عورت جو آواز،
جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي.
اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي
جيڪا سهڪي ٿي پيئي،
۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ
”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس!
خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“