خداوند ٿو فرمائي تہ
”اي اسرائيل وارؤ! جيڪڏهن اوهين توبهہ ڪندءُ،
هائو، جيڪڏهن اوهين مون آڏو توبهہتائب ٿيندءُ،
جيڪڏهن اوهين انهن نفرت ڏياريندڙ بتن کي
پنهنجي اڳيان هٽائي ڇڏيندءُ،
منهنجا فرمانبردار ٿيندءُ،
۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾
مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ،
تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري
برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“