5
يروشلم جو گناهہ
1خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو،
چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو.
جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي،
جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي
۽ حق سچ جو ڳولائو هجي،
تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.
2جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو،
تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“
3اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون
ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون.
تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو،
پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو.
تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا.
هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہتائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.
4تڏهن مون سوچيو تہ
”هو ويچارا نادان آهن.
هو نہ ٿا ڄاڻن تہ خداوند جو رستو ڪهڙو آهي،
۽ سندن خدا کانئن ڪهڙي تقاضا ڪري ٿو.
5سو آءٌ اڳواڻن ڏانهن ويندس،
۽ ساڻن ڳالهائيندس.
يقيناً هنن کي خداوند جي رستي
۽ پنهنجي خدا جي تقاضا جي خبر هوندي.“
پر هنن سڀني تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي،
تانتہ تنهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان آجا ٿي وڃن.
6اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن
هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو،
بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو،
هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو،
تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري
تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي.
اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي،
۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.
7خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ
”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟
اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي
۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو.
مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي،
۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.
8اوهين پيٽ ڀريل شهوتي گھوڙا ٿي پيا آهيو،
هر ڪو ٻئي جي زال جي پٺيان هڻڪار ڪندو ٿو ڦري.
9انهن ڳالهين جي ڪري ڇا آءٌ اوهان کي سزا نہ ڏيان؟
ڇا آءٌ اوهان جهڙي قوم کان بدلو نہ وٺان؟
10ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي
انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين،
پر کين صفا ناس نہ ڪن.
آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو،
ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘
11 اسرائيل ۽ يهوداہ وارن
منهنجي ڏاڍي نافرماني ڪئي آهي.
آءٌ خداوند ائين چوان ٿو.“
خداوند جو پنهنجي قوم کي رد ڪرڻ
12بني اسرائيل خداوند بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي. چيو اٿائون تہ ”هو ڪجھہ بہ نہ ڪندو. اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچندو. اسان ڪڏهن بہ جنگ يا ڏڪار نہ ڏسنداسين. 13-14هائو، سندس نبي بہ رڳو هوا وانگر آهن ۽ وٽن خدا جو ڪو فرمان ڪونهي.“ سو قادرِمطلق خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيئن تہ ماڻهن اهڙي ڳالهہ ڪئي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي فرمان کي تنهنجي وات ۾ باهہ بڻائيندس ۽ هنن ماڻهن کي ٻارڻ بڻائيندس. پوءِ اها باهہ هنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“
15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا. 16هنن جا سڀ جوڌا جوان اهڙا آهن، جن جي تيرن ۾ موت ئي موت آهي. 17هو اوهان جي فصلن ۽ کاڌ خوراڪ کي ڳڙڪائي ويندا ۽ اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي قتل ڪري ڇڏيندا. نہ رڳو ايترو پر هو اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪهي ڇڏيندا ۽ اوهان جا انگورن جا باغ ۽ انجير جا وڻ پڻ ناس ڪري ڇڏيندا. اوهان جا ڪوٽن وارا شهر جن تي اوهين ڀاڙيون ويٺا آهيو، تن تي هو ڪاهہ ڪري انهن کي برباد ڪري ڇڏيندا.“
18 خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح ناس نہ ڪندس. 19جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“
سزا ڏيڻ بابت خداوند جي آگاهي
20خداوند فرمائي ٿو تہ
”جيڪي بني اسرائيل يهوداہ ۾ رهن ٿا،
تن کي ٻڌائي ڇڏ تہ
21 #
يس 6:9-10، حز 12:2، مر 8:18 ’اي بيعقل ۽ نادانؤ!
اوهين جيڪي اکين جي هوندي بہ ڏسو نہ ٿا
۽ ڪنن جي هوندي بہ ٻڌو نہ ٿا،
اوهين هيءَ ڳالهہ ڪن ڏيئي ٻڌو.
22 #
ايو 38:8-11
اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟
اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟
مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي.
اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي،
جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي.
ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين،
پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن،
اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.
23پر اوهان جون دليون اهڙيون تہ فسادي ۽ سرڪش آهن،
جو اوهين حدون اورانگھي ويا آهن.
24هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ
اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي،
جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو
۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.
25اوهان جي بدڪاريءَ اهي شيون
اوهان کان روڪي رکيون آهن،
هائو، اوهان جي گناهن اوهان کي
انهن چڱين شين کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.‘
26بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن،
جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن.
هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.
27جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي،
تيئن ٺڳيءَ ڪندي هنن پنهنجا گھر ڀريا آهن،
انهيءَ ڪري هو شاهوڪار ۽ طاقتور ٿي ويا آهن.
28هو ٿلها متارا ۽ چوکا ٿي پيا آهن.
سندن شرارت وارن ڪمن جي تہ حد ئي ڪانهي.
هو نڪي يتيمن سان انصاف ڪن ٿا،
نہ وري غريبن جي حقن جو تحفظ ڪن ٿا.
29انهن ڳالهين جي ڪري آءٌ خداوند کين سزا ڏيندس،
آءٌ اهڙيءَ قوم کان بدلو وٺندس.
30ملڪ ۾ عجيب ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ٿين ٿا.
31 نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشنگوئي ڪن ٿا،
۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا،
جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن.
پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“