Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 3

3
اسرائيل ملڪ جي نافرمان قوم
1 # شر 24‏:1‏-4 خداوند فرمائي ٿو تہ
”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي
۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي،
تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟
ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟
ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر
گھڻن ئي يارن سان رهي آهين،
انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟
2ٽڪر تي ٺهيل جاين ڏانهن پنهنجيون اکيون کڻي نهاري ڏس
تہ اتي ڪابہ اهڙي جاءِ آهي جتي تو سان ڪو ستو نہ هجي؟
تون بيابان جي رستن جي ڪناري
پنهنجي يارن لاءِ ائين انتظار ۾ ويٺي آهين،
جيئن بدوي رستن تي ويهي ايندڙ ويندڙ سان وهنوار ڪندا آهن.
تو هن ملڪ کي پنهنجي اهڙي زناڪاري
۽ بدڪاريءَ سان ناپاڪ ڪيو آهي.
3اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي،
۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو.
انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي،
۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.
4پنهنجي اهڙيءَ حالت ۾ تون مون کي چوين ٿي تہ
’اي منهنجا ابا!
تو منهنجي ننڍپڻ کان وٺي مون سان پيار ڪيو آهي.
5پوءِ تون هميشہ لاءِ مون سان ڪاوڙيل رهندين ڇا؟‘
اي اسرائيل ملڪ جي قوم! تو ائين بہ چيو آهي،
پر تو کان جيڪا بڇڙائي پڳي آهي سا بہ ڪندي رهي آهين.“
بت‌پرست بني اسرائيل ڪڃريءَ جيان بي‌وفا
6 # 2.با 22‏:1‏–23‏:30، 2.توا 34‏:1‏–35‏:27 يوسياہ بادشاهہ جي بادشاهيءَ دوران خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”ڏٺئِہ، اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم ڇا ڇا ڪيو؟ هن ٽڪر تي ٺهيل هر ڪنهن جاءِ تي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ وڃي بت‌پرستي ڪندي ڪڃريءَ وانگر زناڪاري ڪئي آهي. 7مون سوچيو تہ هوءَ اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي ايندي، پر ائين نہ ٿيو. سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم اهو سڀ ڪجھہ پئي ڏٺو آهي. 8مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي. 9کيس ڪوبہ شرم نہ آيو. هن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا ڪندي ڄڻ زناڪاري ڪري ملڪ کي پليت ڪيو آهي. 10انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم مون ڏانهن پوريءَ دل سان موٽ نہ ڪئي آهي، رڳو رياڪاري ڪئي اٿن. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
11 خداوند مون کي فرمايو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم پنهنجو پاڻ کي يهوداہ ملڪ جي بي‌وفا قوم کان وڌيڪ سچو ثابت ڪيو آهي. 12سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس. 13اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.
14اي مون کان ڦري ويل قوم وارؤ! موٽي اچو، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجا ئي آهيو. آءٌ اوهان جي هر شهر مان هڪ هڪ ۽ هر قبيلي مان ٻہ ٻہ نمائندا ڪري چونڊيندس ۽ ائين #3‏:14 صيئون جبل يروشلم شهر جي هن جبل تي مقدس هيڪل اڏيل هئي.صيئون جبل سان اوهان جو رابطو ڳنڍي ڇڏيندس. 15آءٌ اوهان کي اهڙا حڪمران ڏيندس جيڪي منهنجي مرضيءَ تي هلندڙ هوندا. اهي علم ۽ سمجھہ سان اوهان جي اڳواڻي ڪندا.
16پوءِ جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ اندر تعداد ۾ وڌي ويندا، تڏهن اوهين منهنجي عهد واري صندوق جي باري ۾ ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏيندا. اوهين ان متعلق سوچيندا بہ نہ ۽ نہ وري اُها اوهان کي ياد ئي رهندي. اوهان کي نہ انهيءَ جي ڪا ضرورت هوندي ۽ نہ وري اوهين ڪا ٻي اهڙي عهد واري صندوق ٺاهيندا. 17انهيءَ وقت تہ اوهين يروشلم کي ”خداوند جو تخت“ سڏيندا ۽ سڀ قومون مون خداوند جي نالي کي تعظيم ڏيڻ لاءِ يروشلم ۾ گڏ ٿينديون، ۽ اڳتي اوهين پنهنجي شرير دل جي هوڏ مطابق نہ هلندا. 18انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“
بني اسرائيل جي بي‌وفائي
19خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي منهنجي قوم!
منهنجو ارادو هو تہ آءٌ تو کي پنهنجي اولاد جو رتبو ڏيان،
۽ تو کي سٺو ملڪ،
يعني ٻين قومن کان چڱي ۾ چڱو ملڪ ورثو ڪري ڏيان.
مون سوچيو هو تہ تون مون کي پنهنجو پيءُ ڪري سڏيندينءَ،
۽ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ کان ڦري نہ ويندينءَ.
20پر ان جي بدران اي منهنجي قوم!
تو هڪ بي‌وفا زال وانگر مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي.
آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“
21جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن،
۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن،
سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز
پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
22اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو،
هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو.
اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي. 23سچ آهي تہ بت‌پرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي. 24پر بدڪاريءَ جي پتلي بعل ديوتا جي پوڄا، جيڪا اسان جي قوم شروعات کان ئي پيئي ڪئي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو، سندن ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ سندن پٽ ۽ ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي. 25اسان کي خواريءَ سبب شرم ۾ ٻڏي مرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ۽ نافرماني پئي ڪئي آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in