Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 23

23
مستقبل جي اميد
1‏-2 خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس. 3جن جن ملڪن ڏانهن مون پنهنجيءَ قوم کي هڪالي ڪڍيو آهي، تن مان باقي بچيلن کي آءٌ ئي گڏ ڪري سندن وطن ڏانهن موٽائي آڻيندس. اتي هو گھڻا ٻار ڄڻيندا ۽ تعداد ۾ وڌي ويندا. 4پوءِ آءٌ انهن تي اهڙا اڳواڻ مقرر ڪندس جيڪي انهن جي سار سنڀال لهندا. منهنجي قوم جا ماڻهو اڳتي وري نہ ڊڄندا ۽ نہ وري ڪو خوف ڪندا، نہ ئي وري آءٌ انهن کي سزا ڏيندس.“
5 # ير 33‏:14‏-16 خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان
آءٌ هڪڙي #23‏:5 سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس ڪن ترجمن ۾ لکيل آهي تہ ”سچائي جو ڏار کڙو ڪندس.“سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس.
اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو،
۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.
6انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾
يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا
۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.
تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ
خداوند اسان سان سچو آهي.‘“
7 # ير 16‏:14‏-15 خداوند فرمائي ٿو تہ ”تنهنڪري ڏس، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘ 8بلڪ اوهين هيئن قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ پوءِ اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ رهندا.“
نبي سڏائيندڙن بابت يرمياہ جو پيغام
9 نبي سڏائيندڙن جي ڳالهين جي ڪري
منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي،
ڇو تہ خداوند جي ڪاوڙ ۽ سندس پاڪ فرمان ۾ ٻڌايل سزا سبب
منهنجا سمورا لڱ ڏڪن ٿا.
آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جيان مدهوش ٿي ويو آهيان،
جيڪو مئي ۾ الوٽ هجي.
10جيئن تہ ملڪ
خداوند سان بي‌وفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي،
جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي
۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا.
سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي
۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.
11 خداوند فرمائي ٿو تہ
نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن ٻيئي مڪار آهن.
آءٌ پنهنجي هيڪل ۾ بہ هنن جي بڇڙائي ڏسان ٿو.
12انهيءَ ڪري آءٌ مٿن مصيبت آڻيندس.
هائو، هنن جي سزا جو وقت اچي رهيو آهي.
انهن جون راهون اونداهيون ۽ ترڪڻيون ٿي پونديون،
کين اوڏانهن ڌڪيو ويندو جتي هو ڪري پوندا.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.
13مون سامريہ جي نبي سڏائيندڙن ۾ اهو گناهہ ڏٺو آهي
جو هنن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏيئي
منهنجي قوم بني اسرائيل کي گمراهہ ڪيو آهي.
14 # پيد 18‏:20، حز 16‏:49 يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾
مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي
جو هو زناڪاري ٿا ڪن،
۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن.
هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن،
تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي.
سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾
سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.
15تنهنڪري آءٌ قادرِمطلق خداوند
يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي باري ۾ چوان ٿو تہ
آءٌ هنن کي کائڻ لاءِ ٽُوهہ ۽ پيئڻ لاءِ زهريلو پاڻي ڏيندس،
ڇاڪاڻ تہ يروشلم جي نبي سڏائيندڙن جي وسيلي
سڄي ملڪ ۾ بدڪاري پکڙجي ويئي آهي.“
16سو قادرِمطلق خداوند يروشلم وارن کي فرمائي ٿو تہ ”جيڪي نبي سڏائيندڙ اوهان جي اڳيان پيغام ڏين ٿا تن جي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اهي اوهان کي ڪوڙين اميدن سان ڀرپور ڪن ٿا. اهي مون خداوند جون چيل ڳالهيون نہ، بلڪ پنهنجي دل جا خيال وَ خواب ئي اوهان کي ٻڌائين ٿا. 17جيڪي مون خداوند جي فرمان جي توهين ٿا ڪن، تن کي هو چوندا ٿا وتن تہ ’خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير وَ سلامتي هوندي،‘ هائو، جيڪي پنهنجي هوڏ تي هلندڙ آهن، تن کي هو چون ٿا تہ ’اوهان تي ڪابہ آفت ڪانہ ايندي.‘“
18آءٌ يرمياہ چوان ٿو تہ
هنن نبي سڏائيندڙن مان
ڪوبہ خداوند جي بارگاهہ ۾ نہ ويو آهي
جو سندس ڳجھي مصلحت کي سمجھي سگھي،
نڪي هنن مان ڪنهن کيس ڳالهائيندي ٻڌو آهي
تان‌تہ وٽانئس ڪو پيغام حاصل ڪري.
19خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان
خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو،
هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.
20 خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي،
جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو.
اچڻ وارن ڏينهن ۾
اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.
21خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون انهن نبي سڏائيندڙن کي نہ موڪليو آهي،
بلڪ مون تہ ساڻن ڳالهايو ئي ناهي،
تہ بہ هو پنهنجن ذاتي پيغامن کي
منهنجي نالي سان ڊوڙيو پيا پهچائين.
22جيڪڏهن هو منهنجي بارگاهہ ۾ اچي
منهنجي ڳالهين کي ڄاڻين ها،
تہ جيڪر منهنجو ئي پيغام منهنجي قوم کي پهچائين ها،
۽ انهن کان خراب رستو ۽ سندن برا ڪم ڇڏرائي ڇڏين ها.“
23 خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خدا جتي ڪٿي موجود آهيان، ويجھو توڙي ڏور. 24هائو، آءٌ آسمان ۾ توڙي زمين تي هر هنڌ موجود آهيان، تہ پوءِ ڇا ڪو انسان پاڻ کي ڪنهن اهڙي ڳجھي هنڌ لڪائي سگھي ٿو جتي آءٌ کيس ڏسي نہ سگھان؟ 25منهنجي نالي ۾ هو جيڪو ڪوڙو پيغام ڏين ٿا سو مون ٻڌو آهي. هنن مان هر ڪو چوي ٿو تہ ’مون کي خواب ۾ خدا جو پيغام مليو آهي! مون کي رويا ملي آهي!‘ 26اهي نبي سڏائيندڙ ڪيستائين منهنجي قوم کي انهن ڪوڙين ڳالهين سان گمراهہ ڪندا رهندا، جيڪي پنهنجي دل مان گھڙيون اٿائون؟ 27هو سمجھن ٿا تہ جيڪي خواب هو ٻين کي ٻڌائين ٿا تن جي وسيلي منهنجي قوم کان منهنجو نالو ئي وسارائي ڇڏيندا، بلڪل ائين جيئن سندن وڏن بعل ديوتا جي پوڄا ڪري منهنجو نالو وساري ڇڏيو هو. 28جنهن وٽ خواب آهن سو پنهنجي خوابن کي منهنجو پيغام نہ چوي، پر جنهن وٽ منهنجو پيغام آهي سو ايمانداريءَ سان منهنجو ٻڌايل پيغام ئي بيان ڪري. ڀلا اناج جي ڀيٽ ۾ بُهہ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ 29منهنجو فرمان باهہ وانگر آهي، هائو، ان هٿوڙي وانگر آهي جيڪو پٿر کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندو آهي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
30 خداوند فرمائي ٿو تہ ”سو ڏس، آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي خلاف آهيان، جيڪي هڪٻئي وٽان هٿ ڪيل ڳالهيون منهنجيون ڪري ٻڌائين ٿا. 31آءٌ انهن نبي سڏائيندڙن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجي طرفان ڳالهيون گھڙي پوءِ چون ٿا تہ اهي خداوند جي طرفان آهن. 32آءٌ سچ پچ انهن جي بہ خلاف آهيان، جيڪي پنهنجن ڪوڙن خوابن کي منهنجو پيغام ڪري ٻڌائين ٿا. هو انهن ڪوڙن خوابن جو تعبير ٻڌائي ۽ ٻٽاڪون هڻي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا، جڏهن تہ مون هنن کي ڪين موڪليو آهي ۽ نہ ئي وري مون کين مقرر ڪيو آهي. سو انهن مان هن قوم کي ڪوبہ فائدو هرگز نہ ٿو ملي سگھي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.“
”خدائي پيغام جو بار“ لفظن جي استعمال جي منع
33پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! جيڪڏهن منهنجي قوم مان ڪو نبي سڏائيندڙ، ڪو ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو تو کان پڇي تہ ’اسان تي #23‏:33 خدائي پيغام جو ڪهڙو بار هي عبراني ٻوليءَ جو هڪ خاص لفظ آهي جيڪو خدا جي مليل پيغام جي باري ۾ نبي استعمال ڪندا هئا. عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي هڪڙي ٻئي معنيٰ بہ ٿئي ٿي يعني ”بار.“ هنن آيتن ۾ انهيءَ لفظ جون ٻئي معنائون ورتيون وڃن ٿيون، جيتوڻيڪ پاڪ ڪلام جي ٻين آيتن ۾ صرف ”پيغام“ معنيٰ ورتي ويئي آهي (ڏسو ناحوم 1‏:1).خدائي پيغام جو ڪهڙو بار رکيو ويو آهي؟‘ تڏهن تون کين چئج تہ ’اوهين تہ پاڻ خدا تي بار آهيو، جنهن کي هو لاهي ڦٽو ڪندو.‘ 34‏-36هاڻ مون خداوند جو حڪم آهي تہ انهن مان ڪوبہ نبي سڏائيندڙ، ڪاهن يا ڪو ٻيو ماڻهو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ هرگز استعمال نہ ڪري. جيڪڏهن ڪو ’خدائي پيغام جو بار‘ جا اهي لفظ چوندو تہ هن لاءِ اهو سزا جو بار ٿي پوندو. هائو، آءٌ انهيءَ شخص ۽ سندس گھراڻي کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هر ڪو ماڻهو پنهنجي لفظن کي ’خدائي پيغام جو بار‘ چئي پنهنجي قادرِمطلق خداوند جيئري خدا جي فرمان کي ٽوڙيو مروڙيو ڇڏي. سو جيڪڏهن ڪو خداوند جي پيغام کي ڳولڻ چاهي ٿو تہ هو اهي لفظ استعمال نہ ڪري، بلڪ هاڻ انهن مان هر ڪو هڪٻئي کان هن طرح پڇي تہ ’خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟‘ يا ’خداوند ڇا ٿو فرمائي؟‘
37پوءِ اي يرمياہ! تون نبي سڏائيندڙن مان هر هڪ کان آزمائش وٺندي پڇ تہ ’تو کي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ خداوند ڇا فرمايو اٿيئي؟‘ 38هاڻ جيڪڏهن هو منهنجو حڪم نہ مڃن ۽ اڃا بہ ’خدائي پيغام جو بار‘ جا لفظ استعمال ڪن، 39تہ آءٌ انهن کي پڪ پنهنجي حضور مان ڪڍي اڇلائي ڇڏيندس ۽ انهيءَ شهر کي بہ، جيڪو مون انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو. 40آءٌ هنن تي هميشہ جي خواري ۽ هميشہ جي شرمندگي آڻيندس، جيڪا ڪنهن کان بہ ڪين وسرندي.“

Currently Selected:

يرمياہ 23: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 23