Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 22

22
يهوداہ جي بادشاهہ خلاف خداوند جو پيغام
1پوءِ خداوند مون کي يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو، تہ جيئن اتي وڃي 2آءٌ دائود جي تخت تي ويٺل يهوداہ جي بادشاهہ، سندس عملدارن ۽ سندس سڀني درٻارين کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايان تہ 3”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رنن‌زالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بي‌گناهہ جو رت وهايو. 4جيڪڏهن اوهين هنن حڪمن تي عمل ڪندا، تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن ۽ رعيت سان گڏ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي هن محل جي درن مان پيا لنگھندا. 5#مت 23‏:38، لو 13‏:35 پر جيڪڏهن اوهان انهن حڪمن کي نہ مڃيندا تہ پوءِ آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هي محل ويران ٿي ويندو.“
6 خداوند يهوداہ جي بادشاهہ جي محل جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ
”جيتوڻيڪ اهو محل جِلعاد جي ٻيلن جيان عاليشان،
۽ لبنان جي جبلن وانگر مضبوط آهي،
تہ بہ آءٌ يقيناً انهيءَ کي اهڙو بڻائي ڇڏيندس،
جهڙو بيابان يا ڪو اجڙيل شهر.
7آءٌ انهيءَ تي هٿياربند لشڪر موڪليندس،
جيڪو ان کي ڀڃي تباهہ ڪري ڇڏيندو.
انهيءَ محل جا عمدا عمدا ديال جا شهتير
وڍي باهہ ۾ اڇلايا ويندا.
8ٻين ڪيترين ئي قومن جا ماڻهو هن شهر وٽان لنگھندا ۽ هڪٻئي کان پڇندا تہ ’خداوند ڇو هن وڏي شهر جو ههڙو حال ڪيو آهي؟‘ 9پاڻ ئي وري جواب ڏيندا تہ ’انهيءَ ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد وساري ڇڏيو آهي ۽ غير معبودن جي پوڄا ڪندي کين سجدو ڪيو اٿائون.‘“
بادشاهہ يهوآخز بابت يرمياہ جو پيغام
10اي يهوداہ وارؤ!
اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو
۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو،
بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو،
جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي،
ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.
11 # 2.با 23‏:31‏-34، 2.توا 36‏:1‏-4 يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ يهوآخز سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو، پر هو قيد ٿي ٻئي ملڪ ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو، تنهن جي باري ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”هو وري ڪڏهن بہ پنهنجي وطن موٽي ڪونہ ايندو. 12پر جيڏانهن کيس قيد ڪري وٺي ويا آهن اتي ئي مري کپي ويندو. هو وري هي ملڪ نہ ڏسندو.“
بادشاهہ يهويقيم بابت يرمياہ جو پيغام
13ويل آهي ان لاءِ!
جيڪو پنهنجو گھر بي‌ايمانيءَ سان ٺهرائي ٿو،
۽ ظلم ڪندي ماڙيون تعمير ٿو ڪرائي،
هائو، جيڪو پنهنجي هم‌وطنن کان بيگار جو ڪم وٺي ٿو،
۽ کين مزدوري نہ ٿو ڏئي.
14هو چوي ٿو تہ
”آءٌ پنهنجي لاءِ ڪشادين ماڙين سان
هڪ وڏو محل تعمير ڪرائيندس.“
سو هو ان ۾ وڏيون دريون وجھرائي ٿو
۽ پوري محل کي اندران ديال جي ڪاٺي لڳرائي
۽ ڳاڙهو رنگ ڏياري سينگاري ٿو.
15اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري
تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟
ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟
تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي
غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.
16هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو.
اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.
17پر تنهنجيون اکيون ۽ تنهنجي دل رڳو حرام جي مال،
بي‌گناهہ جي رت وهائڻ ۽ ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ تي کتل آهن.
18 # 2.با 23‏:36‏–24‏:6، 2.توا 36‏:5‏-7 خداوند فرمائي ٿو تہ
”تنهنڪري يهوداہ جي بادشاهہ
يهويقيم ولد يوسياہ جي دفن ٿيڻ وقت
ماڻهو انهيءَ لاءِ هڪٻئي کي هي چئي سوڳ نہ ڪندا تہ
’هاءِ منهنجا ادا! اسان جو بادشاهہ ڇو اسان کي ڇڏي ويو!‘
يا ’هاءِ منهنجي ادي!
اسان جي بادشاهہ جو شان وَ شوڪت ڪيڏانهن ويو!‘
19بلڪ هن کي اهڙيءَ طرح دفن ڪيو ويندو،
جيئن مئل گڏهہ کي يروشلم جي دروازن مان
گهِلي ٻاهر کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو.“
يروشلم بابت يرمياہ جو پيغام
20خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم وارؤ! اوهان جا سڀ اتحادي ناس ٿي ويا آهن،
سو وڃو، اوهين لبنان جي جبلن ڏانهن وڃي روئو رڙو،
بسن جي جابلو علائقي ڏانهن وڃي رڙيون ڪريو،
موآب واري عباريم جبل تان وڃي دانهون ڪريو.
21جڏهن اوهين پوريءَ طرح خوشحال هئا،
تڏهن مون اوهان کي خبردار ڪيو هو،
پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي.
شروعات کان ئي اوهان جي اها عادت رهي آهي،
جو اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.
22اوهان جي اتحادين ۽ اڳواڻن کي قيد ڪري
جلاوطن ڪيو ويندو.
هائو، سندن دشمن کين واءُ جيان ٻُهاري کڻي ويندا.
تڏهن اوهين پنهنجين بڇڙاين جي ڪري ڏاڍو خوار خراب ٿيندا.
23اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو،
جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون،
تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“
خداوند جو يهوياڪين خلاف فيصلو
24 # 2.با 24‏:8‏-15، 2.توا 36‏:9‏-10 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان. 25بلڪ آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪري ٿو ڇڏيان جيڪي تنهنجا جاني دشمن آهن، يعني بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس لشڪر، جن کان تون ڊڄين ٿو. 26تون ۽ تنهنجي ماءُ يهوداہ ۾ ڄاوا هئا، پر آءٌ اوهان ٻنهي کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏيان، جتي اوهين مري کپي ويندا. 27اوهين پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ چاهيندا پر ڪڏهن بہ موٽي نہ سگھندا.“
28ماڻهو چون ٿا تہ ”ڇا اسان جو بادشاهہ يهوياڪين هڪ بيڪار ڀڳل ٿانوَ مثل آهي يا هڪ اهڙي ٿانوَ مثل آهي جنهن جي ڪنهن کي بہ گھرج ناهي؟ هن کي ۽ سندس اولاد کي ڪهڙي سبب هڪ اهڙي ملڪ ۾ اڇلايو ٿو وڃي جنهن بابت هي ڪجھہ بہ نہ ٿا ڄاڻن؟“
29سو اي ملڪ! هائو، اي يهوداہ جا ملڪ!
تون ٻڌ تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي.
30 خداوند جو فرمان آهي تہ
”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن،
ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو.
هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو،
نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو
دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“

Currently Selected:

يرمياہ 22: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in