خداوند فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن دائود جي اولاد مان
آءٌ هڪڙي سچار کي بادشاهہ ڪري چونڊيندس.
اهو بادشاهہ ڏاهپ سان راڄ ڪندو،
۽ سڄي ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائيءَ وارا ڪم ڪندو.
انهيءَ جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾
يهوداہ توڙي اسرائيل جا ماڻهو محفوظ رهندا
۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.
تڏهن اهو بادشاهہ هن نالي سان سڏبو تہ
’خداوند اسان سان سچو آهي.‘“