Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 24

24
سٺن ۽ خراب انجيرن جو مثال
1 # 2.با 24‏:12‏-16، 2.توا 36‏:10 بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم کي سندس عملدارن، ڪاريگرن ۽ هنرمندن سميت يروشلم مان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو. انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ خداوند مون کي هڪ رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون انجيرن جون ٻہ ٽوڪريون خداوند جي هيڪل جي اڳيان رکيل ڏٺيون. 2هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ آڳاٽن پڪل انجيرن جهڙا نهايت عمدا انجير هئا ۽ ٻي ٽوڪريءَ ۾ اهڙا تہ خراب انجير هئا جو کائڻ جهڙا بلڪل نہ هئا. 3تڏهن خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”انجير. چڱا انجير تمام سٺا آهن، پر خراب انجير اهڙا تہ خراب آهن، جو کائڻ جي لائق ئي ناهن.“
4تڏهن خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ 5”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا يهوداہ جي انهن جلاوطن ٿيل ماڻهن کي هنن چڱن انجيرن وانگر سمجھان ٿو، جن کي مون هن هنڌان ڪڍي بابل ڏانهن موڪليو آهي. 6آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس. 7آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.
8پر يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ، سندس عملدار ۽ يروشلم ۾ باقي بچي ويل ماڻهو، پوءِ اهي هن ئي ملڪ ۾ يا مصر ۾ رهندا هجن، تن کي آءٌ خداوند انهن خراب انجيرن وانگر ٿو سمجھان، جيڪي کائڻ جي لائق ناهن. 9آءٌ انهن کي اهڙو تہ برباد ڪري ڇڏيندس، جو انهن جو حال ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي. جن جن ملڪن ڏانهن آءٌ انهن کي هڪالي ڪڍندس، اتي هو ملامت، پهاڪي، طعني ۽ ڦٽڪار جو سبب بڻبا رهندا. 10آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“

Currently Selected:

يرمياہ 24: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 24