اي يهويقيم! پنهنجي ديال واري محل جي ڪري
تون پنهنجي پيءُ کان ڪو وڌيڪ بهتر بادشاهہ آهين ڇا؟
ڀلا تنهنجي پيءُ وٽ کاڌي پيتي جي ڪا ڪمي هئي ڇا؟
تنهن هوندي بہ هو هميشہ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪندي
غريبن سان ايمانداريءَ ۽ انصاف سان ٿي هليو.
هن غريبن ۽ محتاجن جو طرف کڻي پنهنجي لاءِ ڀلو ڪيو.
اهو ئي تہ خداوند کي سڃاڻڻ آهي.