Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 21

21
بادشاهہ صدقياہ جو يرمياہ کي عرض
1فشحور ولد ملڪياہ ۽ صفنياہ ولد مسعياہ ڪاهن جي هٿان يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ مون يرمياہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ 2#2.با 25‏:1‏-11، 2.توا 36‏:17‏-21 ”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تان‌تہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“
3تڏهن مون يرمياہ تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو. سو مون کين خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان بادشاهہ صدقياہ کي وڃي ٻڌائڻ لاءِ چيو تہ 4”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس. 5آءٌ پاڻ پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ۽ غصي، جوش ۽ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ تو سان وڙهندس. 6آءٌ هن شهر جي گھڻن ئي رهاڪن کي وبا ۾ مبتلا ڪري ماري ڇڏيندس، پوءِ اهي ماڻهو هجن توڙي جانور. 7تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
8پوءِ مون هنن کي خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اي يروشلم وارؤ! ڏسو، آءٌ خداوند اوهان کي زندگي يا موت ٻنهي مان هڪڙي جي چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏيان ٿو. 9جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي. 10مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
11انهيءَ کان سواءِ يهوداہ جي شاهي گھراڻي بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ
12”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ
هر روز انصاف ڪريو.
جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو،
نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي
۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري
اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“
13 خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا
۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو.
سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟
ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘
پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.
14آءٌ اوهان کي اوهان جي عملن مطابق سزا ڏيندس.
آءٌ اوهان جي ديال وارن محلن ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس
جو جيڪي ڪجھہ انهن جي آس‌پاس آهي
سو سڀ بہ سڙي چٽ ٿي ويندو.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 21: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 21