20
فشحور ڪاهن جو يرمياہ نبيءَ خلاف قدم کڻڻ
1تڏهن هيڪل جي مک عملدار ۽ ڪاهن فشحور ولد امير منهنجيون اهي اڳڪٿيون ٻڌي 2مون کي مار ڏياري ۽ پوءِ پڪڙي هيڪل ۾ بنيامين نالي مٿئين دروازي وٽ مون کي زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيائين. 3ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن فشحور مون کي زنجيرن مان آزاد ڪرايو، تڏهن مون کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايو تہ ”اڄ کان وٺي مون تنهنجو نالو فشحور نہ بلڪ ’خوف ۾ وڪوڙيل‘ رکيو آهي. 4آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو. 5هن شهر جي سڄي دولت، ان ۾ تيار ٿيندڙ هر شيءِ، ان جون سڀ قيمتي شيون ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا پڻ آءٌ سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو انهن شين کي لٽ جي مال جيان هٿ ڪري بابل ڏانهن کڻي ويندا. 6هاڻ اي فشحور! تون بہ بابل ڏانهن قيد ڪري نيو ويندين. تون اتي مرندين ۽ اتي ئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجو گھراڻو بلڪ تنهنجا اهي سڀيئي دوست بہ جن جي اڳيان تو منهنجي نالي سان ڪوڙا پيغام ٻڌايا آهن.“
يرمياہ جي خداوند سان شڪايت
7اي خداوند!
تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني،
جيڪا مون مڃي.
تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين.
هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي،
هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.
8جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ،
ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان.
اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ
بيعزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي.
9پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس،
۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس،
تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾
ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو
جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي.
آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو،
پر ڪري نہ ٿو سگھان.
10آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ
”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي،
سو هي موقعو آهي تہ
اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“
جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو
سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن،
بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي،
پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين
۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“
11پر اي خداوند!
تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين.
تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا،
۽ مون تي غالب نہ ايندا.
هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا.
هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي
۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.
12سو اي قادرِمطلق خداوند! تون جيڪو سچارن کي آزمائين ٿو،
۽ هر دل وَ دماغ کي پرکين ٿو،
تنهن جي آڏو مون پنهنجي دانهن آندي آهي،
سو تون منهنجي دشمنن کان منهنجو بدلو وٺ تہ آءٌ ڏسان.
13بيشڪ اي خداوند! آءٌ تنهنجي واکاڻ ٿو ڳايان،
اي خداوند! آءٌ تنهنجي ساراهہ ٿو ڪريان.
تون ئي تہ آهين،
جيڪو مظلومن جي جان بدڪارن جي هٿان ڇڏائين ٿو.
14 #
ايو 3:1-19
لعنت هجي انهيءَ ڏينهن تي
جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هئس.
جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيو،
سو ڏينهن شل برڪت وارو هرگز نہ ٿئي.
15لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي
جنهن منهنجي پيءُ کي اها خوشخبري ٻڌائي تہ
”تو کي پٽ ڄائو آهي.“
16 #
پيد 19:24-25
اهو ماڻهو شل انهن شهرن وانگر ٿئي،
جن تي ڪو رحم نہ ڪندي
تو خداوند کين اونڌو ڪري ڇڏيو آهي.
شل صبح جي مهل هو ظلم وَ ستم جا آواز ٻڌي،
۽ منجھند جي مهل جنگ جا نعرا.
17هائو، مٿس لعنت هجي،
جو هن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي ڪهي نہ ڇڏيو،
تانتہ منهنجي ماءُ منهنجي قبر ٿئي ها!
۽ آءٌ هميشہ سندس پيٽ ۾ ئي پيو رهان ها!
18آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان،
۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.