Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 19

19
ڀڳل گھُگھيءَ جو مثال
1 خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڪنڀر وٽان ٺڪر جي هڪڙي گھُگھي خريد ڪر. قوم جي اڳواڻن ۽ وڏن ڪاهنن مان بہ ڪن کي تون پاڻ سان وٺي وڃ. 2‏-3#2.با 23‏:10، ير 7‏:30‏-32، 32‏:34‏-35 پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا. 4انهيءَ سبب جو اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ هن ماٿريءَ کي ديوتائن جو مرڪز بڻايو اٿوَ. هن هنڌ تي اوهان انهن غير معبودن لاءِ قربانيون پئي پيش ڪيون آهن، جن معبودن کي نہ تہ اوهان پاڻ ٿي ڄاتو ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن ۽ يهوداہ جي بادشاهن ئي ٿي ڄاتو. هن هنڌ کي اوهان بي‌گناهن جي رت سان ڀري ڇڏيو آهي. 5#لاو 18‏:21 #ير 7‏:31‏-33 اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو. 6سو ڄاڻي ڇڏيو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن ڪوبہ ماڻهو اڳتي هن هنڌ کي #19‏:6 ”توفت“ هنوم ماٿريءَ ۾ توفت نالي هن جڳهہ تي غير معبودن لاءِ هڪ قربان‌گاهہ ٺهيل هئي جتي ماڻهو پنهنجن ٻارن کي قربانيءَ طور پيش ڪندا هئا ۽ ڪنهن زماني ۾ گھڻو ڪري هن ئي جاءِ تي يروشلم شهر جو گند ڪچرو ساڙيو ويندو هو.”توفت“ يا ”هنوم ماٿري“ نہ سڏيندو، بلڪ انهيءَ کي ”ڪوس جي ماٿري“ ڪري سڏيو ويندو.
7آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس. 8آءٌ هن شهر کي اجاڙي ڇڏيندس ۽ ان کي ڦٽڪار واري شيءِ بڻائيندس. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا. 9آءٌ اوهان جي هن شهر تي اوهان جا جاني دشمن موڪليندس جن جي گھيري ۾ تنگ اچي اوهان بک وچان هڪٻئي جو بلڪ پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جو بہ گوشت کائيندا.‘
10اي يرمياہ! اهو پيغام ٻڌائڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو تو سان گڏ هنوم ماٿريءَ ۾ آيا هجن تن جي روبرو تون اها گھُگھي ڀڃي ڇڏ 11۽ انهن کي منهنجو هي فرمان بہ ٻڌاءِ تہ ’آءٌ قادرِمطلق خداوند هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس جيئن هيءَ گھُگھي ڀورا ڀورا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي وري نہ ٿو جوڙي سگھجي. اوهان جي قتل ٿي ويلن جي لاشن پورڻ جي جاءِ نہ هئڻ سبب توفت بہ قبرستان بڻجي ويندو. 12‏-13آءٌ خداوند هن شهر يروشلم کي لاشن سان ڀري توفت جيان پليت ڪري ڇڏيندس. هن هنڌ سان ۽ هتان جي رهاڪن سان آءٌ ائين ئي ڪندس، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي بادشاهن جي محلن توڙي يروشلم جي انهن سڀني گھرن جي ڇتين تي اوهان آسماني ستارن لاءِ لوبان ساڙيو آهي ۽ غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون اٿوَ.‘“
14پوءِ آءٌ يرمياہ توفت ۾ خداوند جو پيغام ٻڌائي موٽي هيڪل ۾ آيس، جتي اڱڻ ۾ بيهي مون سڀني ماڻهن کي چيو تہ 15”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“

Currently Selected:

يرمياہ 19: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 19