جنهن بہ وقت آءٌ ڳالهايان ٿو تہ،
ظلم ۽ تباهيءَ جو ئي اعلان ٿو ڪريان.
اهڙيءَ طرح تو خداوند جو فرمان سڄو ڏينهن مون لاءِ
بيعزتي ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿو بڻجي.
پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس،
۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس،
تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾
ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو
جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي.
آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو،
پر ڪري نہ ٿو سگھان.