Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 18

18
ڪنڀر جي ڪم جو مثال
1 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ 2”ڪنڀر جي گھر وڃ، اتي آءٌ تو کي پنهنجو پيغام ڏيندس.“ 3سو آءٌ ڪنڀر جي گھر ويس، جتي ڏٺم تہ هو چڪ تي ڪم ڪري رهيو هو. 4ڏٺم تہ جيڪو ٿانءُ هن مٽيءَ مان ٺاهيو ويٺي، سو جيڪڏهن صحيح نہ ٿي ٺهيو تہ هن انهيءَ ئي مٽيءَ مان پنهنجي پسند جو ٻيو ٿانءُ ٿي ٺاهيو.
5تڏهن خداوند مون کي يهوداہ وارن لاءِ هي پيغام ڏنو تہ 6”اي يهوداہ وارؤ! ڇا آءٌ اوهان سان اهڙو سلوڪ نہ ٿو ڪري سگھان جيئن هي ڪنڀر ڪري ٿو؟ ياد رکو، جيئن مٽي ڪنڀر جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين بہ منهنجي هٿ ۾ آهيو. 7جيڪڏهن ڪنهن وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ فلاڻي قوم يا فلاڻي حڪومت جون پاڙون پٽجڻ واريون آهن يا اها ڊهڻ ۽ تباهہ ٿيڻ واري آهي، 8تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي. 9جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ ڪا قوم يا ڪا حڪومت ٺهڻي ۽ قائم ٿيڻي آهي، 10تہ پوءِ جي اها قوم منهنجي نظر ۾ بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي تہ آءٌ بہ ان چڱائيءَ ڪرڻ کان باز ايندس جيڪا مون ساڻس ڪرڻ چاهي هوندي.
11تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو. 12پر هو وراڻيندا تہ ’تون جيڪي چوين ٿو تنهن جي اسان کي ڪا پرواهہ ڪانهي. اسين پنهنجين تجويزن کي جاري رکنداسين. اسان مان هر ڪو پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي هلندو.‘“
خداوند جي قوم جو ڪراهت جهڙو ڪم
13تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ
”اوهين قومن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڏسو
تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؟
منهنجي قوم جيڪا هڪ ڪنواريءَ مثل آهي،
تنهن تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي.
14ڇا لبنان جي وڏن پهاڙن تي
منهنجي ڪيرايل برف ڪڏهن غائب ٿئي ٿي؟
ڇا ان تان منهنجا وهايل ٿڌا پاڻي ڪڏهن سڪي وڃن ٿا؟
15تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي.
هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن.
هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن
۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن
۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.
16انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو،
۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو.
اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا
۽ حيرت جو اظهار ڪندا.
17سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا
تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس،
جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي.
سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن
آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“
يرمياہ جي خلاف سازش سِٽڻ
18 # ير 8‏:8‏-9، 14‏:13‏-16 تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“
19سو مون خداوند کان دعا گھري تہ
”اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي،
۽ ٻڌ تہ مون تي الزام هڻندڙ ڇا ٿا چون.
20مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي،
پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.
ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي
هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي،
تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.
21پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ
تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ،
۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين.
هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ،
هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ،
۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.
22مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ،
تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن،
ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي،
۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.
23پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو،
جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون.
سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر،
هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر،
بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ.
هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“

Currently Selected:

يرمياہ 18: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 18