Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 17

17
يهوداہ وارن جو گناهہ ۽ سزا
1خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربان‌گاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي. 2اوهين عبادت ڪرڻ لاءِ تہ نڪرو ٿا پر يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ قربان‌گاهن وٽ اچي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي هر سائي وڻ، ٽڪرين جي چوٽين 3۽ کُليل ميدان ۾ دڙن تي ٺهيل آهن. آءٌ اوهان جي گناهہ جي ڪري اوهان جي سڄي ملڪ مان اوهان جي دولت ۽ اوهان جا سڀ خزانا اوهان جي دشمنن هٿان لٽائي ڦرائي ڇڏيندس. 4اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“
خداوند تي ڀروسو رکڻ
5 خداوند فرمائي ٿو تہ
”لعنتي آهن اهي ماڻهو،
جن جي دل مون خداوند کان ڦري ٿي وڃي،
هائو، جيڪي مون کي ڇڏي ڪنهن انسان تي ڀروسو ٿا رکن،
۽ هڪ فاني بشر کي پنهنجي طاقت ٿا بڻائين.
6اهي انهيءَ سڪل ٻوٽي وانگر ٿيندا،
جيڪو برپٽ ۾ هوندو آهي.
اهي بيابان جي سڪل ٺوٺ هنڌن ۾،
ڪلراٺي ۽ ويران زمين ۾ ئي رهندا.
هائو، اهي ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندا.
7پر سڀاڳا آهن اهي ماڻهو
جن جي توڪل خداوند تي آهي،
۽ جن جي اميد آسرو خداوند ئي آهي.
8 # زب 1‏:3 اهي انهيءَ وڻ وانگر ٿيندا،
جيڪو نديءَ جي ڀرسان پوکيل هجي،
۽ جنهن جون پاڙون هيٺ پاڻيءَ تائين ٿيون پهچن.
ان کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي،
انهيءَ جا پن سدائين ساوا رهندا آهن.
اهو سدائين ميوو ڏيندو رهندو آهي،
سو خشڪ ساليءَ ۾ بہ انهيءَ کي ڪا ڳڻتي نہ هوندي آهي.“
9خداوند فرمائي ٿو تہ
”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي،
انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي،
انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟
10 # زب 62‏:12، مڪا 2‏:23 آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو،
۽ دماغن کي پرکيان ٿو،
انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت
۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“
11جيڪي ماڻهو ناجائز طريقن سان دولت گڏ ڪن ٿا،
سي ان تتر وانگر آهن، جيڪو ٻين جي آنن مان ٻچا ڦوڙي ٿو،
پر پوءِ اهي ٻچا کيس ڇڏي هليا ٿا وڃن.
ساڳيءَ طرح انهن ماڻهن جي هٿ ڪيل دولت بہ
سندن اڌ عمر ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندي،
۽ پڇاڙيءَ ۾ اهي بي‌وقوفن مان ليکبا.
يرمياہ جي دعا
12اي خداوند!
تنهنجو پاڪ گھر شروع کان وٺي جبل تي قائم آهي.
هائو، تنهنجي مقدس هيڪل هڪڙو عاليشان تخت آهي.
13تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد
۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين!
تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا.
هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا
سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا،
جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.
14اي خداوند!
تنهنجي ئي شفا بخشڻ سان آءٌ ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندس.
تنهنجي ئي بچائڻ سان آءٌ بلڪل بچي ويندس،
بيشڪ اهو تون ئي آهين جنهن جي آءٌ واکاڻ ٿو ڪريان.
15ڏس، يهوداہ جا ماڻهو مون کي چون ٿا تہ
”اي يرمياہ!
تون خداوند جون جيڪي ڌمڪيون اسان کي ٻڌائيندو هئين،
سي پوريون ڇو نہ ٿيون ٿين؟“
16پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ
”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“
مون تہ ڪڏهن بہ
هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي.
جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.
17مصيبت جي ڏينهن تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين،
سو تون منهنجي لاءِ دهشت جو سبب نہ بڻج،
18بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر،
پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ.
هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ،
پر مون کي دهشت کان بچاءِ.
هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ
۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.
سبت، يعني آرام جو ڏينهن
19 خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يروشلم جي ٻين سڀني دروازن سان گڏوگڏ عام ماڻهن واري انهيءَ دروازي ڏانهن پڻ وڃ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ ايندا ويندا آهن. 20اتي وڃي ماڻهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! جيڪي هنن دروازن مان لنگھو ٿا سي سڀ ٻڌو تہ آءٌ خداوند ڇا ٿو چوان. 21#نحم 13‏:15‏-22 خبردار ٿيو، متان سبت جي ڏينهن ڪو بار کنيو اٿوَ، يا اهو يروشلم جي دروازن کان اندر ٽپائي آندو اٿوَ، پوءِ پنهنجي حياتيءَ جو خير نہ سمجھجو. 22#خر 20‏:8‏-10، شر 5‏:12‏-14 سبت جي ڏينهن ڪنهن بہ قسم جو بار پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ کڻي وڃو ۽ نہ وري ان ڏينهن تي ڪو ڪم ڪار ڪريو، بلڪ سبت جي ڏينهن کي اوهين مون خداوند لاءِ وقف ڪريو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو هو. 23پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون. 24پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا، 25تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي ۽ هي شهر هميشہ لاءِ آباد رهندو. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن سميت هن شهر جي دروازن مان پيا لنگھندا. هائو، اهي پنهنجن عملدارن سميت جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي همراهيءَ ۾ شهر ۾ پيا ايندا ويندا. 26تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا. 27پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“

Currently Selected:

يرمياہ 17: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in