جيڪڏهن ڪنهن وقت آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ فلاڻي قوم يا فلاڻي حڪومت جون پاڙون پٽجڻ واريون آهن يا اها ڊهڻ ۽ تباهہ ٿيڻ واري آهي، تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي.