16
مصيبت جو ڏينهن
1 خداوند مون کي فرمايو تہ 2”اي يرمياہ! تون هرگز شادي نہ ڪر ۽ نہ وري يهوداہ جي ملڪ ۾ تو کي ڪو ٻار ئي پيدا ٿئي، 3ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ ۾ ڄاول پٽن ۽ ڌيئرن ۽ انهن جي پيئرن ۽ مائرن بابت آءٌ خداوند ٻڌايان ٿو تہ 4اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.
5آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي. 6#لاو 21:5 تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو. 7سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.
8اي يرمياہ! تون خوشيءَ جي مجلس واري گھر ۾ بہ داخل نہ ٿج جو هنن سان گڏ ويهي کائين پيئين. 9#ير 7:34، 25:10، مڪا 18:23 تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.
10جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘ 11تڏهن تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائجانءِ تہ ’اهو سڀ انهيءَ ڪري آهي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي سجدا ڪري کين پوڄيائون. اهڙيءَ طرح هنن مون کي ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي شريعت تي نہ هليا. 12اوهان تہ وري پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ ليڪو لنگھي ويا آهيو. ڏسو تہ اوهين ڪيئن نہ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ بدران پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي ٿا هلو. 13سو آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ اڇلائيندس، جنهن بابت نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي نہ وري اوهين ئي ان بابت ڪجھہ ڄاڻو ٿا. اتي اوهين ڏينهن رات غير معبودن جي پوڄا ۾ لڳا رهندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ڪابہ عنايت نہ ڪندس.‘“
14 #
ير 23:7-8
خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ اهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن اوهين اڳتي منهنجي نالي جو هيئن قسم نہ کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.‘ 15بلڪ اوهين هن طرح قسم کڻندا تہ ’انهيءَ جيئري خداوند جو قسم، جنهن اسان بني اسرائيل کي اتر واري ملڪ مان ۽ انهن ملڪن مان ڪڍي آندو جيڏانهن اسان کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هئائين.‘ اهو انهيءَ ڪري جو آءٌ اوهان کي وري پنهنجي وطن ۾ موٽائي آڻيندس جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.“
16 خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي. 17ڏسو، اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا تنهن تي منهنجي نظر آهي. ڇا اوهان جا ڪم مون کان ڳجھا آهن؟ ڇا اوهان جي ڪا بدڪاري مون کان لڪل آهي؟ 18ياد رکو، آءٌ اوهان کي اوهان جي بدڪاريءَ ۽ گناهہ جي ٻيڻي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ڪراهت جهڙن ديوتائن جي بيجان مورتين سان منهنجو ملڪ پليت ڪيو آهي. هائو، اوهان منهنجي ملڪ کي پنهنجي انهن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو آهي.“
يرمياہ جي دعا
19اي خداوند! تون منهنجي طاقت،
منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہگاهہ آهين.
تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ
”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا،
هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.
20ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ
حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“
21تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هنن کي پنهنجي طاقت ۽ قدرت ڏيکارڻ ٿو گھران. تڏهن تہ کين خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“