14
خوفناڪ خشڪ سالي
1 خداوند مون يرمياہ کي خشڪ ساليءَ جي باري ۾ فرمايو تہ
2”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا.
خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي.
هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن
۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.
3امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا.
اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين.
سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن.
پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.
4زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي،
ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو.
نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.
5هرڻي ٻنيءَ ۾ ٻچو ڄڻي ٿي،
پر گاهہ نہ هئڻ ڪري پنهنجي ٻچي کي بہ ڇڏي هلي وڃي ٿي.
6جھنگلي گڏهہ ويران ٽڪرين تي گدڙن وانگر سهڪن ٿا پيا،
گاهہ نہ ملڻ ڪري سندن نظر بہ ڪمزور ٿي ويئي آهي.
7منهنجي قوم مون کي پڪاري چوي ٿي تہ
’جيتوڻيڪ اسان جا گناهہ اسان تي شاهدي ٿا ڏين،
تہ بہ اي خداوند! پنهنجي نالي خاطر ڪجھہ ڪر.
بيشڪ اسان جون نافرمانيون وڌي ويون آهن،
۽ اسين تنهنجا گنهگار آهيون.
8اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ!
ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟
ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين،
جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟
9ڇو تون حيرت ۾ ورتل ماڻهوءَ وانگر ٿيو آهين؟
يا وري هڪ اهڙي بهادر وانگر
جيڪو طاقت رکڻ جي باوجود بہ
ڪنهن کي بچائي نہ ٿو سگھي؟
اي خداوند! تون تہ اسان منجھہ ٿو رهين،
۽ اسين تنهنجا ئي ٿا سڏجون،
سو اسان کي ڇڏي نہ ڏي.‘
10پر آءٌ خداوند هن قوم بابت چوان ٿو تہ
هنن کي منهنجي راهہ کان ڀٽڪڻ تمام گھڻو پسند آيو آهي،
هنن پنهنجن پيرن کي رُلڻ کان نہ روڪيو آهي.
تنهنڪري آءٌ خداوند هنن کي قبول نہ ٿو ڪريان.
هاڻ آءٌ هنن جي بدڪارين کي ياد ڪري
کين ڪيل گناهن جي سزا ڏيندس.“
11پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گھر. 12جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“
نبي سڏائيندڙن جو ڪوڙ هڻڻ
13تڏهن مون چيو تہ ”هاءِ! اي خداوند خدا! اهي نبي سڏائيندڙ آهن جيڪي تنهنجو نالو کڻي ماڻهن کي چوندا رهندا آهن تہ ’نہ ڪو اوهان سان جنگ ڪرڻ ايندو ۽ نہ ئي اوهين ڏڪار ۾ ڦاسندا، بلڪ هن ملڪ ۾ اوهين خير ۽ سلامتيءَ سان گذاريندا.‘“
14تڏهن خداوند مون کي وراڻي ڏني تہ ”اهي نبي سڏائيندڙ منهنجي نالي تي ڪوڙو پيغام ڏين ٿا. مون انهن کي نڪي موڪليو آهي، نڪي کين ڪو حڪم ڏنو اٿم ۽ نہ وري مون ساڻن ڳالهايو ئي آهي. اهي ماڻهن کي ڪوڙيون رويائون، ڪوڙيون فالون ۽ پنهنجيون ٺڳيءَ سان ٺاهيل ڳالهيون ٿا ٻڌائين. 15تنهنڪري هي نبي سڏائيندڙ، جن کي مون ڪين موڪليو آهي ۽ جيڪي منهنجي نالي تي ماڻهن کي چون ٿا تہ ’ڪابہ جنگ يا ڏڪار هن ملڪ ۾ ڪين ايندو،‘ تن بابت مون خداوند جو فرمان آهي تہ اهي ساڳيا نبي سڏائيندڙ پڻ جنگ ۽ ڏڪار ذريعي ناس ڪيا ويندا. 16جن ماڻهن کي هو اهو پيغام ٻڌائين ٿا، تن جا لاش ڏڪار ۽ جنگ جي سببان يروشلم جي گھٽين ۾ اڇلايا ويندا. ڪوبہ کين دفنائڻ وارو نہ هوندو، نہ انهن کي، نہ انهن جي زالن کي ۽ نہ وري انهن جي پٽن يا ڌيئرن کي. آءٌ مٿن اها مصيبت آڻيندس جنهن جا هو حقدار آهن.“
17خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ
”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين،
ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم،
جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي،
تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.
18جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ
آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن.
جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ
ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو.
نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر
پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن،
کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“
ماڻهن جو خدا کي منٿ ڪرڻ
19 #
ير 8:15
يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ
”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟
ڇا تون #14:19 صيئون يعني يروشلم شهر، جنهن ۾ خداوند جي هيڪل هئي.صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟
ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي
جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟
اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون،
پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي.
اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون،
پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.
20اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا،
۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون،
بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.
21اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي.
تون يروشلم شهر ۾
پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي.
اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.
22ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟
ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟
هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا!
ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو.
تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي،
ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“