15
يهوداہ وارن لاءِ تباهي
1 #
خر 32:11-14، ڳا 14:13-19، 1.سم 7:5-9 پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ. 2#مڪا 13:10 جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ
’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي،
سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن،
جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي،
سي جنگ ۾ وڃي مرن،
جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي،
سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن،
۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي،
سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘
3آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا. 4#2.با 21:1-16، 2.توا 33:1-9 يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“
5خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم وارؤ! ڪنهن کي اوهان تي رحم ايندو؟
ڪير اچي اوهان جو همدرد ٿيندو؟
ڪير پنهنجي راهہ کان لڙي اچي اوهان کان خير عافيت پڇندو؟
6اوهان مون کي رد ڪيو آهي.
اوهان مون کي پٺي ڏني آهي.
سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي
اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.
7آءٌ هر شهر مان اوهان کي وائُري
بُهہ وانگر واءُ ۾ اُڏائي ڇڏيندس.
هائو، اوهين جيڪي منهنجي قوم آهيو،
تن کي آءٌ بياولاد ڪندس
۽ اوهان تي تباهي آڻيندس،
ڇاڪاڻ تہ اوهان پاڻ کي ڪين سڌاريو آهي.
8اوهان جي ملڪ ۾ رننزالن جو تعداد
سامونڊي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن کان بہ گھڻو ٿي ويندو.
آءٌ اوهان جا جوان ڦُوهہ جوانيءَ ۾ ئي قتل ڪرائي
سندن مائرن تي عذاب آڻيندس.
هائو، آءٌ اوچتو انهن تي مصيبت ۽ دهشت آڻيندس.
9ست پٽيتي ماءُ پنهنجا ست ئي پٽ وڃائي غش کائي ڪرندي.
هن جي اميد جي روشني اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.
هائو، ست ئي پٽ وڃائي
هوءَ عزت ۽ شان کان محروم ٿي ويندي.
قوم مان باقي بچي ويندڙن کي
آءٌ سندن دشمنن هٿان جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
يرمياہ جي آہ وَ زاري
10ويل آهي مون لاءِ، اي منهنجي امڙ! ڪاش! آءٌ پيدا ئي نہ ٿيان ها. سڄي ملڪ وارن جي نظر ۾ آءٌ جھيڙاڪ ۽ تڪراري بڻيو آهيان. آءٌ نہ ڪنهن کان ڪجھہ وٺان نہ ڪنهن کي ڪجھہ ڏيان، تنهن هوندي بہ هر ڪنهن جو لعنتاڻو مون تي ئي آهي.
11تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس، 12هائو، جڏهن #15:12 اتر واري ملڪ کان لشڪر گھڻو ڪري هي بابلي آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري ان تي فتح حاصل ڪرڻ وارا هئا.اتر واري ملڪ کان لشڪر اچي حملو ڪندا. اهي اهڙي لوهہ وانگر هوندا جنهن ۾ پتل مليل هجي، جنهن کي ڀڃي نہ ٿو سگھجي. 13يهوداہ ملڪ جي سرحدن اندر ماڻهن جو جيڪو بہ مال ملڪيت ۽ خزانا آهن، نہ رڳو سي سڀ آءٌ سندن گناهن جي ڪري لٽائي ڦرائي ڇڏيندس، 14بلڪ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جو غلام بڻائي هڪڙي اهڙي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن بابت هو ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. منهنجي ڪاوڙ اهڙي باهہ مثل آهي، جيڪا هرگز نہ وسامندي.“
15پوءِ مون چيو تہ
”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو.
سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ.
ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن.
تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ،
بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ،
ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.
16تو جيڪي چيو سو مون ڌيان سان ٻڌو.
تنهنجيون ڳالهيون منهنجي لاءِ
خوشي ۽ سرهائيءَ جو باعث هيون،
ڇاڪاڻ تہ اي خداوند، قادرِمطلق خدا! آءٌ تنهنجو ئي آهيان.
17آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان،
نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان.
اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري
پنهنجي منهن ٿو گذاريان،
ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري
آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.
18ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي
هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟
ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين،
جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان،
پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“
19تنهن تي خداوند ورندي ڏني تہ
”جيڪڏهن تون توبهہ ڪندين تہ
آءٌ بہ تو کي وري بحال ڪندس،
تہ جيئن تون ٻيهر منهنجو پيغام ٻڌائي سگھين.
جيڪڏهن تون بيڪار ڳالهيون ڪرڻ ڇڏي
ڪارائتيون ڳالهيون ڪندين،
تہ آءٌ تو کي وري پنهنجو نبي بڻائيندس.
تون يهوداہ جي ماڻهن جي ڳالهين کان دور رهہ،
اٽلندو هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين کي قبول ڪري وٺندا،
20آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان
پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس.
تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.
21آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس،
هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس.
اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“