اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا،
۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون،
بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.
اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي.
تون يروشلم شهر ۾
پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي.
اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.