13
سڻيءَ جو پوتڙو
1 خداوند مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”وڃي پنهنجي لاءِ هڪڙو پوتڙو خريد ڪر ۽ اهو چيلهہ سان ٻڌ. پر ڏس، انهيءَ تي پاڻي نہ لڳي.“ 2سو مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو پوتڙو خريد ڪري پنهنجي چيلهہ سان ٻڌي ڇڏيو.
3پوءِ ٻيو ڀيرو خداوند مون کي فرمايو تہ 4”جيڪو پوتڙو تو خريد ڪيو آهي ۽ تنهنجي چيلهہ سان ٻڌل آهي، سو لاهي فرات نديءَ ڏانهن کڻي وڃ ۽ اتي ٽڪريءَ جي ڪنهن سوراخ ۾ اهو لڪائي ڇڏ.“ 5سو مون خداوند جي حڪم موجب اهو کڻي وڃي فرات نديءَ وٽ لڪايو.
6گھڻن ڏينهن کان پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اُٿ، فرات نديءَ ڏانهن وڃ ۽ جيڪو پوتڙو مون تو کي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اتان ڪڍي اچ.“ 7سو آءٌ فرات نديءَ ڏانهن ويس ۽ جتي اهو پوتڙو لڪايو هئم سو اتان کوٽي ڪڍيم. مون ڏٺو تہ اهو پوتڙو اهڙو تہ خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين رهيو هو.
8تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ 9”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس. 10هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو. 11جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“
مئي جا مَٽَ
12 خداوند مون کي چيو تہ ”بني اسرائيل کي ٻڌاءِ تہ هو مئي جو هر مٽ مئي سان ڀري رکن. جيڪڏهن هو تو کي چون تہ ’اسان کي خبر ناهي ڇا تہ هر مٽ مئي سان ڀربو آهي؟‘ 13تڏهن تون کين مون خداوند جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ آءٌ سندن ملڪ يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ڪاهنن کي، نبي سڏائيندڙن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ڄڻ تہ #13:13 نشو پيئاري بائيبل مقدس ۾ نشي پيئارڻ مان مراد خدا جو غضب نازل ڪرڻ ورتي وڃي ٿي (ڏسو يرمياہ 25:15-16).نشو پيئاري مدهوش ڪري ڇڏيندس. 14آءٌ هنن مان سڀني کي پوءِ اهي توڙي جو پيئر هجن يا پٽ، مَٽن جيان هڪٻئي مٿان اڇلائي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، انهن تي ڪو قياس نہ ڪندس، نڪي ترس کائيندس. کين ناس ڪرڻ وقت رحم نہ ڪندس.“
مغروريءَ خلاف يرمياہ جو چتاءُ
15اي بني اسرائيل! خداوند جو فرمان ٻڌو، هٺيلا نہ ٿيو،
بلڪ انهيءَ تي عمل ڪريو.
16اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو،
انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي
۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن.
هائو، انهيءَ کان اڳ جو
جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو،
تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي
گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.
17پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا،
تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس.
هائو، ان وقت منهنجيون اکيون
زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون،
جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.
18 #
2.با 24:15-17
خداوند مون کي فرمايو تہ
”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ
’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو،
ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج
اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.
19اوهان جا ڏکڻ وارا شهر گھيري ۾ اچي ويا آهن،
۽ ڪوبہ اندر اچي يا ٻاهر وڃي نہ ٿو سگھي.
سڄي يهوداہ کي قيد ڪيو ٿو وڃي،
انهن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو.‘“
20اي يروشلم جي وسندي! پنهنجيون اکيون کڻي
اتر کان چڙهائي ڪري آيل پنهنجي دشمنن کي ڏس.
هاڻ ٻڌاءِ تہ تنهنجي ملڪ جو پاليل ڌڻ ڪٿي آهي؟
هائو، تنهنجا اهي رهاڪو ڪٿي آهن جن تي تو کي وڏو ناز هو؟
21هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم
تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي،
جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟
هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.
22پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ
”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“
تہ پوءِ ٻڌ،
اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي،
جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي،
۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.
23ڇا ڪو حبشي پنهنجي کل جو رنگ بدلائي سگھي ٿو؟
يا ڪو چيتو پاڻ تان دٻڪن جا نشان مَٽائي سگھي ٿو؟
ساڳيءَ طرح تون بہ نيڪي ڪري نہ ٿي سگھين،
جيڪا بڇڙائيءَ جي عادي آهين.
24خداوند ٿو فرمائي تہ
”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس،
جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.
25اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي،
اهو ئي هنن جو حصو آهي،
جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي،
ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي،
۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“
26سو اي يروشلم جي وسندي!
خداوند پاڻ تنهنجا ڪپڙا لاهيندو ۽ تنهنجو شرم اُگھاڙيندو.
27اي يروشلم!
خدا تنهنجي رهاڪن کي اهي ئي ڪم ڪندي ڏٺو آهي،
جن ڪراهت جهڙن ڪمن کان هن کي نفرت آهي.
هن کين ٽڪرين ۽ ٻنين ۾ ڌارين معبودن پٺيان ويندي ڏٺو آهي،
جيئن ڪو زناڪار ماڻهو
پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پوندو آهي،
يا جيئن ڪو سانهِي گھوڙو گھوڙيءَ جي پٺيان پوندو آهي.
اي يروشلم وارؤ! اوهان لاءِ ويل آهي!
ڪيستائين اوهين ناپاڪ رهندءُ.