Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 11

11
عهد جي ڀڃڪڙيءَ جي سزا
1‏-3 خداوند خدا يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي ٻڌائڻ لاءِ مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن سڀني تي لعنت ٿو ڪريان جيڪي منهنجي عهد جي ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. سو انهيءَ عهد جي ڳالهين تي اوهين ڌيان ڏيو. 4هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس. 5پوءِ آءٌ ساڻن اهو قسم پورو ڪندس جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان کنيو هو تہ ’آءٌ اوهان کي هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ ڏيندس.‘ سو اهو ملڪ هي ئي آهي جنهن ۾ اڄ اوهين رهيا پيا آهيو.“
تڏهن مون يرمياہ ورندي ڏيئي چيو تہ ”برحق، اي خداوند!“
6 خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”هنن سڀني ڳالهين جو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ اعلان ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’اوهين هن عهد جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي عمل ڪريو. 7جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن. 8پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“
9 خداوند مون کي فرمايو تہ ”يروشلم جي رهاڪن ۾، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن ۾ هڪ سازش ٿي رهي آهي. 10هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن ڏانهن موٽي ويا آهن، جن منهنجي ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. اهي غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄاري بڻيا. اسرائيل ۽ يهوداہ ٻنهي ملڪن جي گھراڻن منهنجو اهو عهد ٽوڙيو آهي، جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌو هو. 11تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس. 12تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا. 13يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن. 14تنهنڪري، اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گھرجانءِ، ۽ نہ وري انهن جي لاءِ ميڙ منٿون ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون کي پڪاريندا تڏهن آءٌ هنن جي ڪابہ نہ ٻڌندس.
15جنهن قوم سان آءٌ پيار ٿو ڪريان سا ڇا ٿي ڪري؟ ايتري گھڻي بدڪاري ڪرڻ بعد منهنجي هيڪل ۾ اچڻ جو کين ڪهڙو حق آهي؟ ڇا هو سمجھن ٿا تہ جانورن جون قربانيون ڪرڻ ۽ واعدن ڪرڻ سان هو پاڻ تان مصيبت ٽاري سگھندا؟ 16مون خداوند کين سهڻن ميون سان سينگاريل سرسبز زيتون جي وڻ جو نالو ڏنو. پر هاڻ هڪڙي وڏي گجگوڙ سان آءٌ انهيءَ وڻ جي پنن کي ساڙي وجھندس ۽ ان جون ٽاريون ٽوڙي ڇڏيندس. 17سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“
يرمياہ نبيءَ جي قتل جي سازش
18اهو خداوند ئي هو جنهن مون يرمياہ خلاف
دشمنن جي سازش کي مون تي ظاهر ڪيو.
19مون کي اها خبر ڪونہ هئي
تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي.
آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس،
جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي.
هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ
”اچو تہ هن کي وڻ وانگر
سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون
۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون،
تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“
20پر مون دعا گھري تہ
”اي قادرِمطلق خداوند!
تون جيڪو سچائيءَ سان انصاف ڪندڙ آهين،
۽ دل وَ دماغ کي پرکڻ وارو آهين،
سو هنن کان منهنجو وير وٺ تہ آءٌ ڏسان،
ڇو تہ مون پنهنجو معاملو تنهنجي اڳيان رکيو آهي.“
21منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“ 22تنهنڪري قادرِمطلق خداوند فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ هنن کي اها سزا ڏيندس جو هنن جا جوان جنگ ۾ مرندا ۽ سندن ٻار ڏڪار سببان مرندا. 23هنن مان ڪوبہ ڪونہ بچندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سزا واري مقرر ڪيل وقت تي عنتوت وارن مٿان آفت نازل ڪندس.“

Currently Selected:

يرمياہ 11: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 11