خداوند خدا يروشلم وارن بلڪ سڄي يهوداہ وارن کي ٻڌائڻ لاءِ مون يرمياہ کي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن سڀني تي لعنت ٿو ڪريان جيڪي منهنجي عهد جي ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. سو انهيءَ عهد جي ڳالهين تي اوهين ڌيان ڏيو. هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.