Bible App logo
Search Icon

يرمياہ 12

12
يرمياہ جو فرياد ۽ خدا جي ورندي
1اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان
تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين.
تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان
تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران
تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟
سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟
2تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن.
هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا.
تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.
3پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو.
تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو
تہ اها تو سان ئي آهي.
سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ.
انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.
4هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي
۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟
منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري
پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن.
اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ
”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“
5خداوند ورندي ڏيندي چيس تہ
”اي يرمياہ! جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين
۽ انهن تو کي ٿڪائي وڌو آهي،
تہ پوءِ تون گھوڙيسوارن سان ڪيئن مقابلو ڪري سگھندين؟
جيڪڏهن تون کُليل ميدان ۾ ئي ٿاٻڙجين ٿو،
تہ پوءِ تون اردن درياءَ جي ٻيلن ۾ ڪيئن ڪندين؟
6سو تون ان شڪايت کي ڇڏ ۽ پنهنجي مائٽن ڏانهن نهار،
جيڪي تنهنجي ابي جو اولاد آهن تن بہ تو سان دغا ڪئي آهي.
انهن بہ تنهنجي خلاف وڏيون دانهون ڪيون آهن.
سو انهن تي اعتبار نہ ڪر،
توڙي جو هو تو سان مٺو ٿا ڳالهائين.“
نافرمانيءَ جي سزا
7خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون يهوداہ وارن کي ڇڏي ڏنو آهي،
هائو، پنهنجي چونڊيل قوم کي وساري ڇڏيو اٿم.
مون پنهنجي پياري قوم کي
سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
8منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي،
اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري.
تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.
9هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ
ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي،
جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن.
سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ،
تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.
10جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين،
۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن،
تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن
منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي
اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.
11هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي،
ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري.
سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي،
پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.
12تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ
بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن.
اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي
هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا،
۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.
13منهنجي قوم ڪڻڪ پوکي،
پر لڻڻ لاءِ وٽن ڪنڊا ئي رهيا آهن،
هنن سخت پورهيو ڪيو، پر حاصل ڪجھہ بہ نہ ڪيو اٿائون.
منهنجي سخت ڪاوڙ جي ڪري
اهي پنهنجي پيداوار کان نااميد ٿيا آهن.“
آس‌پاس وارين قومن بابت اڳڪٿي
14 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏس، آس‌پاس جي بڇڙن غير قوم وارن ان ملڪ کي نقصان رسايو آهي، جيڪو مون پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ميراث ڪري ڏنو هو. سو آءٌ انهن سڀني کي سندن ملڪن مان وڻ وانگر پاڙان پٽي ڪڍندس ۽ يهوداہ وارن کي کانئن بچائي وٺندس. 15کين ائين جلاوطن ڪري ڇڏڻ کان پوءِ، آءٌ وري مٿن رحم ڪندس ۽ منجھائن هر قوم کي سندس ورثي واري ملڪ ۾ موٽائي آڻيندس. 16جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا. 17پر جيڪڏهن ڪا قوم منهنجي نہ ٻڌندي تہ پوءِ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ان کي پٽي آءٌ بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس.“

Currently Selected:

يرمياہ 12: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for يرمياہ 12