62
نبيءَ جو يروشلم جي بحاليءَ بابت پيغام
1اي يروشلم جي وسندي!
تنهنجي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس.
هائو، تنهنجي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس،
جيستائين تنهنجي خوشحالي روشنيءَ وانگر ظاهر نہ ٿيندي،
۽ تنهنجي بحالي روشن مشعل وانگر ڏسڻ ۾ نہ اچي.
2تڏهن تنهنجي اها خوشحالي ڏسي
قومن ۽ بادشاهن تي تنهنجي شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندي.
تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ،
جيڪو خداوند پاڻ تو تي رکندو.
3تون خداوند پنهنجي خدا لاءِ عظمت وارو ڇٽ ٿيندينءَ.
هائو، تون خداوند لاءِ شاهي تاج ٿيندينءَ.
4تون اڳتي ”ڇڏي ڏنل“ نہ سڏبينءَ،
نڪي تنهنجي ملڪ کي ”ويرانو“ سڏبو،
بلڪ تو کي ”خداوند جي خوشي،“
۽ تنهنجي ملڪ جي زمين کي ”مڙس واري“ سڏيو ويندو.
انهيءَ سبب جو خداوند تو مان خوش آهي،
سو تنهنجي ملڪ کي خداوند پنهنجي ڪنوار سڏيندو.
5تنهنجا رهاڪو ملڪ کي اهڙيءَ طرح پنهنجو ڪندا،
جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي
پنهنجي ڪنوار بڻائيندو آهي.
جيئن ڪو گھوٽ پنهنجي ڪنوار سان خوش هوندو آهي،
تيئن ئي تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو.
6اي يروشلم!
مون تنهنجي ڀتين تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن،
ڏينهن هجي توڙي رات اهي ڪڏهن بہ ماٺ ڪري نہ ٿا ويهن،
اهي خداوند کي سندس واعدا ياد ڏياريندا ٿا رهن.
7هائو، جيستائين هو تو يروشلم کي بحال نہ ڪري،
۽ روءِزمين تي تو کي تعريف جي لائق نہ بڻائي،
تيستائين هو بنا آرام ڪرڻ جي
سندس ڪيل واعدا کيس ياد ڏياريندا رهندا.
8 خداوند پنهنجي زورآور هٿ جي قدرت جو قسم کڻي
واعدو ڪيو آهي تہ
”اڳتي آءٌ اوهان جو اناج
اوهان جي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس،
نڪي اوهان جي مئي ڌارين کي پيئڻ ڏيندس،
جنهن لاءِ اوهان محنت ڪئي آهي.
9بلڪ جن اهو اناج گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا،
۽ مون خداوند جي واکاڻ ڪندا،
۽ جن اها مئي گڏ ڪئي آهي،
سي ئي منهنجي مقدس هيڪل جي اڱڻ ۾ اها پيئندا.“
10لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ!
اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو،
۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو.
هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو،
۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو.
اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو،
تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.
11 #
يس 40:10، مڪا 22:12 ڏسو، خداوند پوريءَ دنيا ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آهي تہ
”يروشلم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو تہ
آءٌ خداوند کين بچائڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.
ڏسو، آءٌ پنهنجي قوم لاءِ
پاڻ سان گڏ جزا ۽ اجر کنيو پيو اچان.“
12تڏهن اوهان يروشلم وارن کي ”خدا جي چونڊيل قوم،“
۽ ”خداوند جا ڇڏايل ماڻهو“ سڏيو ويندو.
ساڳيءَ طرح يروشلم کي ”خداوند جو پيارو شهر،“
۽ ”اهو شهر جنهن کي خدا وساريو ناهي“ سڏيو ويندو.