63
قومن تي خداوند جي فتح
1 #
يس 34:5-17، ير 49:7-22، حز 25:12-14، 35:1-15، عا 1:11-12، عبد 1-14، ملا 1:2-5 اهو ڪير آهي جيڪو ڳاڙهو لباس پهريو
ادوم جي شهر بُصراہ کان پيو اچي؟
هائو، اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي،
۽ جيڪو پنهنجي قدرت ۽ طاقت سان هلندو پيو اچي؟
خداوند فرمائي ٿو تہ
”اهو آءٌ خداوند آهيان،
جيڪو بچائڻ جي قدرت رکان ٿو
۽ پنهنجي فتح جو بيان ٿو ڪريان.“
2اي خداوند! تنهنجو لباس ڳاڙهو ڇو آهي؟
۽ تنهنجا ڪپڙا انهيءَ ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن،
جيڪو انگورن کي چيچڙي ۾ لتاڙيندو آهي؟
3 #
مڪا 14:20، 19:13،15 خداوند وراڻيو تہ
”مون اڪيلي سر قومن کي انگورن وانگر لتاڙيو آهي،
۽ مون سان ڪوبہ ماڻهو شامل نہ هو.
هائو، مون پنهنجي غصي ۽ غضب وچان
انهن کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي.
سو انهن جي رت جا ڇنڊا منهنجي ڪپڙن تي پيا آهن،
جنهن سبب منهنجو سڄو لباس ڳاڙهو ٿي ويو آهي.
4مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ
منهنجي قوم کي بچائڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
هائو، اهو سندن دشمنن کان انتقام وٺڻ جو وقت هو.
5 #
يس 59:16
آءٌ اهو ڏسي حيران ٿي ويو هئس تہ
اتي منهنجي مدد ڪرڻ يا هٿي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو.
تڏهن منهنجي غصي مون کي هٿي ڏني،
۽ مون پنهنجي قدرت سان اها جنگ کٽي ورتي.
6پنهنجي غصي ۾ مون سڀني قومن کي لتاڙيو.
مون غضب وچان کين متوالو بڻائي ڇڏيو،
۽ سندن رت زمين تي وهائي ڇڏيم.“
بني اسرائيل سان خدا جي ڀلائي
7آءٌ خداوند جي ابدي شفقت جو ذڪر ڪندس،
آءٌ سندس انهن بيشمار نعمتن لاءِ سندس واکاڻ ڪندس،
جيڪي هن اسان کي عطا ڪيون آهن،
۽ انهيءَ وڏي ڀلائيءَ لاءِ بہ،
جيڪا هن پنهنجي رحمتن ۽ ابدي شفقتن موجب
بني اسرائيل جي ماڻهن کي ڏيکاري آهي.
8خداوند فرمايو تہ
”بيشڪ اهي منهنجي قوم، يعني منهنجا اهڙا ٻار آهن،
جيڪي مون سان بيوفائي نہ ڪندا.“
سو خداوند سندن بچائيندڙ بڻيو،
9بلڪ هن پاڻ ملائڪ جي صورت ۾ اچي کين بچايو.
هو سندن هر ڏک ۾ پڻ ساڻن شامل رهيو،
۽ پوءِ پنهنجي محبت ۽ شفقت سان کين ڇڏايائين.
گذريل پوري وقت ۾ هن هميشہ سندن سنڀال پئي ڪئي آهي.
10پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي،
۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون.
تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو،
۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.
11پوءِ هنن گذريل وقت کي ياد ڪيو تہ
خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي ڏينهن ۾ ڇا ڇا ٿيو هو.
تڏهن چوڻ لڳا تہ
”هاڻي اهو خداوند ڪٿي آهي،
جنهن پنهنجي قوم کي اڳواڻن سميت
سمنڊ مان بچائي ڪڍي آندو هو؟
اهو خداوند ڪٿي آهي،
جنهن انهن تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪيو هو؟
12 #
خر 14:21
هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند،
جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي،
۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ
سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟
13هو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو،
جيئن ڪو گھوڙو بنا ڪنهن ٺوڪر کائڻ جي
سڌي ميدان تي هلي ٿو.
14 خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو،
جهڙو سرسبز ماٿريءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي.
اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي،
انهيءَ لاءِ تہ سندس نالي جي تعظيم ڪئي وڃي.“
رحم ۽ مدد لاءِ دعا
15اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر.
هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس.
اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟
تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟
تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟
انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟
16تون اسان جو پيءُ آهين.
توڙي جو ابراهيم ۽ يعقوب جيڪي اسان جا وڏا آهن،
سي بہ اسان کي وساري سگھن ٿا،
پر تون، اي خداوند! تون تہ اسان جو پيءُ آهين،
اهو ئي جيڪو اسان کي هميشہ بچائيندو ٿو رهين.
17اي خداوند!
ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو،
۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو
اسين تو کان ڦري وياسون؟
موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر،
جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون،
هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر،
جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.
18تنهنجي مقدس هيڪل اسان جي هٿ هيٺ هئي،
پر ائين ٿو لڳي ڄڻ اها گھڙي پلڪ لاءِ هئي،
تنهن کان پوءِ اسان جي دشمنن اسان کي اتان ڀڄائي ڪڍيو،
۽ هاڻي انهن دشمنن انهيءَ کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي.
19تون اسان سان اهڙي هلت ٿو ڪرين،
ڄڻڪ تون ڪڏهن بہ اسان جو حاڪم نہ رهيو آهين،
۽ ڄڻڪ اسين ڪڏهن بہ تنهنجي قوم نہ رهيا آهيون.