اي يروشلم!
مون تنهنجي ڀتين تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن،
ڏينهن هجي توڙي رات اهي ڪڏهن بہ ماٺ ڪري نہ ٿا ويهن،
اهي خداوند کي سندس واعدا ياد ڏياريندا ٿا رهن.
هائو، جيستائين هو تو يروشلم کي بحال نہ ڪري،
۽ روءِزمين تي تو کي تعريف جي لائق نہ بڻائي،
تيستائين هو بنا آرام ڪرڻ جي
سندس ڪيل واعدا کيس ياد ڏياريندا رهندا.