61
بچائڻ جي خوشخبري
1 #
مت 11:5، لو 7:22 #لو 4:18-19 خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي.
هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ
آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان.
هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ
آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان،
۽ قيدين کي آزاديءَ جي
۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.
2 #
مت 5:4
هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ
اهو وقت اچي ويو آهي،
جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو،
۽ سندن دشمنن کان انتقام وٺندو.
هن مون کي موڪليو آهي تہ
آءٌ سڀني دلگيرن کي دلاسو ڏيان.
3خاص طور #61:3 صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي هي اهي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي جلاوطنيءَ کان موٽي برباد ٿيل شهر يروشلم ۾ آيا.صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي
ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني،
۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان.
اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا
جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن.
اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا،
تانتہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.
4اهي قديم ڊٺل جاين کي وري اڏيندا.
هائو، اهي انهن اجڙيل شهرن جي مرمت ڪندا،
جيڪي پيڙهين کان اجاڙيل آهن.
5اي منهنجا همقوم!
غير قومن وارا ماڻهو اچي اوهان جي خدمت ڪندا.
هائو، اهي اوهان جا ڌڻ چاريندا،
اوهان جي ٻنين ۾ هارپو ڪندا،
۽ اوهان جي باغن جي سنڀال ڪندا.
6جڏهن تہ اوهين پاڻ خداوند جا ڪاهن سڏبا.
ماڻهو اوهان کي ”اي خدا جا خادمؤ!“
چئي مخاطب ٿيندا.
اوهين قومن جي دولت مان مزو ماڻيندا،
۽ سندن شان وَ شوڪت جا مختيار بڻجي فخر ڪندا.
7 #
ير 16:18، يس 40:1-2 هاڻ اوهين پنهنجي ملڪ ۾ رهندا،
۽ اوهان کي مليل ٻيڻي سزا واري خواري ۽ بيعزتي
هاڻ ختم ٿي ويندي،
بلڪ اوهين ٻيڻي دولت جا مالڪ بڻبا،
۽ اوهان جون خوشيون هميشہ قائم رهنديون.
8 خداوند فرمائي ٿو تہ
”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان،
۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان.
آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس،
۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.
9انهن جو اولاد قومن ۾ ايڏو تہ مشهور ٿيندو،
جو جيڪو بہ انهن کي ڏسندو سو کين سڃاڻي چوندو تہ
’هي انهيءَ قوم وارا آهن،
جنهن کي خداوند برڪت ڏني هئي.‘“
10 #
مڪا 21:2
خداوند جي ڪيل ڪمن سبب آءٌ بيحد خوش ٿيندس،
۽ منهنجي جان پنهنجي خدا کان راضي رهندي.
انهيءَ سبب جو جيئن گھوٽ کي تاج سان سينگاريو وڃي،
يا جيئن ڪنهن ڪنوار جو زيورن سان سينگار ڪيو وڃي،
تيئن هن اسان کي بچاءُ ڄڻ پوشاڪ وانگر پهرائي ڇڏيو آهي،
۽ حق سچ ڄڻ اسان کي هڪ جبي وانگر ڍڪايو اٿس.
11جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي،
۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو،
سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو،
تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو
اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.