8
نئون ۽ بهتر عهد
1 #
زب 110:1
انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي. 2اتي هو انهيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو حقيقي مقدس خيمو آهي ۽ جنهن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آهي.
3جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي. 4جيڪڏهن هو اڃا زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن شريعت مطابق مقرر ٿي نذرانا چاڙهيندا آهن. 5#خر 25:40 هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“
6پر هاڻي عيسيٰ کي انهن ڪاهنن کان ايتري قدر بهتر خدمت ملي آهي، جيتري قدر پراڻي عهد کان اهو عهد بهتر آهي جنهن جو هو وچ وارو آهي. اهو عهد خدا جي بهتر واعدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي. 7ڏسو، جيڪڏهن انهيءَ پهرئين عهد ۾ گھٽتائي نہ هجي ها تہ ڪنهن ٻئي عهد ٻڌجڻ جو سبب ئي پيدا نہ ٿئي ها. 8#ير 31:31-34 سو خدا پنهنجي قوم جنهن سان هن پهريون عهد ٻڌو، تنهن جي گھٽتائي ظاهر ڪندي پاڪ ڪلام ۾ فرمائي ٿو تہ
”ڏسو، آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهي ڏينهن اچن ٿا،
جڏهن آءٌ اسرائيل توڙي يهوداہ ملڪ وارن سان
هڪ نئون عهد ٻڌندس.
9اهو انهيءَ عهد جهڙو نہ هوندو،
جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان
انهيءَ ڏينهن ٻڌو،
جڏهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ لاءِ
سندن هٿ جھليو هئم.
اهي منهنجي انهيءَ عهد تي قائم نہ رهيا،
تنهنڪري مون انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ڏنو.
10پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ
جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس،
سو هن طرح ٻڌندس جو
آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس،
۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس.
آءٌ سندن خدا هوندس،
۽ هو منهنجي قوم هوندا.
11پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي،
جو پنهنجي هموطن يا برادريءَ واري کي
اهو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي ڄاڻ،‘
ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا
سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.
12انهيءَ ڪري جو آءٌ سندن بڇڙاين کي معاف ڪري ڇڏيندس
۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“
13خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.