YouVersion Logo
Search Icon

عبرانين 9

9
پراڻي عهد وارو مقدس خيمو
1هاڻي مقدس خيمي جي خدمت بابت وڌيڪ سمجھاڻي هيءَ آهي تہ پهرئين عهد ۾ عبادت جا قاعدا هئا ۽ عبادت واري هڪڙي مقدس جاءِ بہ هئي، جيڪا زمين تي 2#خر 26‏:1‏-30، 25‏:31‏-40، 25‏:23‏-30 هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو. 3#خر 26‏:31‏-33 مقدس خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو هو. 4#خر 30‏:1‏-6، 25‏:10‏-16، 16‏:33، ڳا 17‏:8‏-10، خر 25‏:16، شر 10‏:3‏-5 انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون. 5#خر 25‏:18‏-22 صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي #9‏:5 ڪفاري واري جاءِ پراڻي عهدنامي ۾ عهد جي صندوق جو ڍڪڻ سون سان ٺهيل هو، جنهن کي ڪفاري واري جاءِ ۽ رحمت جو پوش سڏيو ويو آهي (ڏسو خروج 25‏:17، ڳاڻاٽو 7‏:89). ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.
6 # ڳا 18‏:2‏-6 جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو مقدس خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا. 7#لاو 16‏:2‏-34 پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو. 8انهيءَ مان پاڪ روح هي اشارو ٿو ڏئي تہ جيستائين مقدس خيمي جو پهريون ڪمرو ان جي قاعدن سميت بيٺو آهي، تيستائين مقدس ترين جاءِ جو رستو ماڻهن لاءِ کُليل نہ آهي. 9اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون آهن، سي عبادت ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن. 10انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.
رت جي وسيلي پاڪ ٿيڻ
11پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو زمين تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ عظيم ۽ ڪامل خيمي جي رستي 12مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. 13#لاو 16‏:15‏-16، ڳا 19‏:9‏،17‏-19 ڏسو، اڳئين شرعي انتظام مطابق ٻڪرن جو رت، ڏاندن جو رت يا ساڙيل گابيءَ جي رک ناپاڪ ماڻهن تي ڇٽڪاري ويندي هئي، تہ جيئن اهي جسماني طور پاڪ صاف ٿي سگھن. 14تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو. 15انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين. 16ڏسو، عهد ٻڌڻ لاءِ اهو ضروري آهي تہ عهد ڪندڙ رت وهائڻ سان پنهنجي موت جي نشاني پيش ڪري. 17مطلب تہ عهد ڪرڻ واري جي جيئري هوندي عهد ڪونہ ٿو ٻڌجي. پر هن جي مري وڃڻ سان ئي اهو عهد عمل ۾ ٿو اچي. 18انهيءَ ڪري ئي پهريون عهد بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو. 19#خر 24‏:6‏-8 هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي 20چيو تہ ”هن رت سان خدا اوهان سان عهد ٻڌي ٿو، جنهن تي اوهان کي عمل ڪرڻو آهي.“ 21#لاو 8‏:15 پوءِ موسيٰ ساڳيءَ طرح مقدس خيمي ۽ عبادت جي سڀني شين تي بہ رت ڇٽڪاريو. 22#لاو 17‏:11 حقيقت ۾ شريعت موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پاڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.
مسيح جي ڪامل قرباني
23تنهنڪري اهو ضروري هو تہ زمين تي مقدس خيمو ۽ ان جي عبادت واريون شيون جيڪي آسماني شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي قربانيءَ وسيلي پاڪ ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آسماني شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر قربانيءَ جي وسيلي پاڪ ڪيون وڃن. 24اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي. 25زمين واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي، 26نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي. 27جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي، 28#يس 53‏:12 تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.

Currently Selected:

عبرانين 9: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in